Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain
فضيلت وارو زمانو ماڻڻ جي دعا مستحب آهي
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته نيڪ عملن جي لاءِ فضيلت واري زماني تائين زندھ رهڻ جي دُعا ڪرڻ مستحب آهي ڇوته مومن ٻانهي جي عمر گھڻي هوندي آهي ته ان جي ڀلائي به گھڻي هوندي آهي ۽ ماڻهن مان بهتر انسان اهو آهي جنهن جي عمر وڏي ۽ عمل چڱو هجي۔ بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم پسند ڪندا هئا ته انهن کي نيڪ عملن کان پوءِ موت اچي جيئن رمضان جو روزو رکڻ کان پوءِ ۽ حج کان واپسي تي موت اچي۔ چيو ويندو هو: جنهن جو ائين انتقال ٿيندو آهي ان کي بخشيو ويندو آهي۔ (لطائف المعارف،ص138)
رجب ۾ انتقال جي تمنا ڪرڻ وارو عالمِ دين
هڪ نيڪ عالمِ دين رَجَبُ المرجّب کان پهريان بيمار ٿيو ته فرمائڻ لڳو: مون الله پاڪ کان دُعا ڪئي آهي ته منهنجي وفات رجَبُ المرجّب تائين مؤخّر فرمائي ڇوته مون کي اها خبر پهتي آهي ته رجب ۾ الله پاڪ ٻانهن کي (دوزخ کان) آزاد فرمائيندو آهي۔ پوءِ الله پاڪ اُنهن کي رَجَبُ المرجّب عطا فرمايو ۽ انهيء مهيني ۾ سندن انتقال ٿيو۔ (لطائف المعارف ،ص138)
اسان جي پياري نبي، مڪي مدنيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: رَجَبٌ شَهرُ الله تعالٰي وَشَعْبَانُ شَهرِي وَرَمَضَانُ شَهرُ اُمَّتِي يعني رجب الله پاڪ جو مهينو آهي، شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان منهنجي اُمّتين جو مهينو آهي۔ (مسند الفردوس، باب الراء،2/275،حدیث:3276)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هونئن ته هر مهينو ئي الله پاڪ جو آهي، پر حديثِ پاڪ ۾ خاص طور تي رجب کي الله پاڪ جو مهينو ڇو قرار ڏنو ويو ان جي حڪمت بيان ڪندي علامه عبدُ الرؤف مَناوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رجب کي الله پاڪ ڏانهن منسوب ڪرڻ هن مهيني جي شرافت ۽ عظمت تي دلالت ڪري ٿو۔ (فیض القدیر، حرف الراء، 4/24،تحت الحدیث:4411)