Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain
(يعني عظمت وپاڪيزگي) وارا 4 مهينا ڪهڙا آهن؟ خاص ڪري رجب ۾ ڪهڙا ڪهڙا وظيفا وغيره پڙھيا وڃن؟ نهايت ئي توجھ ۽ دِلجمعي سان سمورو بيان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪريو، ڪثير معلومات جو خزانو هٿ ايندو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
حضرت سيدُنا عبدُالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا ارشاد فرمائن ٿا: مان اميرُ المؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ موجود هئس ۽ پاڻ ماڻهن کي انهن جون ڪيفيتون ڏيکاري رهيا هئا۔ انهيء دوران سندن جي ڀرسان هڪ اهڙو پوڙهو شخص گذريو جيڪو انڌو ۽ لنگڙو هو، ان جي اڳيان اڳيان هڪ ٻيو شخص هلي رهيو هو جيڪو ان لنگڙي انڌي کي سختي سان گھليندو وٺي وڃي رهيو هو۔ حضرت سيدُنا عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه اهو منظر ڏسي ارشاد فرمايو: مون ايترو بُرو منظر اڄ کان پهريان ڪڏهن نه ڏٺو۔
حضرت سيدُنا عمرِ فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ ويٺل ماڻهن مان هڪ چيو: اي اميرُالمومنين ڇا اوهان هن کي سڃاڻو ٿا؟ جواب ڏنائون: نه۔ ان چيو: اهو ابنِ صَبغاء آهي، جنهن تي ”برِيق“ جي ڦٽڪار پئي آهي۔ حضرت سيدُنا عمرِ فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايائون: برِيق ته اُن جو لقب آهي پر اُن جو نالو ڇا آهي؟ ماڻهن ٻڌايو ته ان جو نالو ”عِياض“ آهي۔ فرمايائون: عِياض کي مون وٽ وٺي اچو۔ جڏهن اهو آيو ته پاڻ ان کي فرمايائون: مون کي پنهنجو ۽ بنوصَبغاء جو واقعو ته ٻڌايو۔ اُنهن عرض ڪيو: اي اميرُالمومنين! اهو جاهليت واري زماني جو معاملو آهي جنهن جو قصّو ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي ته الله پاڪ اسلام جي ذريعي روشني ڪئي آهي۔ حضرت سيدُنا عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: الله ڪريم معاف فرمائي، جڏهن کان الله پاڪ اسان کي دينِ اسلام جي ذريعي عزّت عطا فرمائي آهي تڏهن کان اسان کي اهو نٿو جڳائي ته اسان دورِ جاهليت جي ڪنهن معاملي جي