Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

زبان جي حفاظت ڪريو:

          عارِف بِالله شيخ ضياءُ الدين عبدُالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه بعض عالمن کان نقل فرمائن ٿا: جڏهن دورِ جاهليت ۾ ماڻهو (رَجَب جي مهيني ۾) نيزا لڪائي ڇڏيندا هئا ۽ جنگ کان رُڪجي ويندا هئا ته هاڻي مسلمان هن مهيني ۾ پنهنجي زبانن جي حفاظت ڇو نٿا ڪن ۽ بي حرمتي کان ڇو نٿا رڪجن۔ بيشڪ ڪجهه موقعن تي زبان اگھاڙي تلوار ۽ تيز نوڪ دار نيزي کان وڌيڪ نقصان ده هوندي آهي۔ (طھارۃ القلوب ، الفصل الثانی عشر فی التقوی، ص125)

بچیں بے کار باتوں سے پڑھیں اے کاش کثرت سے       ترے محبوب پر ہر دَم دُرُودِ  پاک ہم مولیٰ

ہماری فالتو باتوں کی عادت دُور ہو جائے                 لگائیں مُستقل قفلِ مدینہ لب پہ ہم مولیٰ

رجب جي مهيني ۾ رحمت جو  فيضان

          حضرت سيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ حضرت سيدُناشيخ شِهابُ الدين احمد بن حجازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رجَبُ المرجّب جي باري ۾ فرمائن ٿا: ان کي اَلاَصَبّ(يعني تيز وهڪرو) به چوندا آهن انڪري جو هن مبارڪ مهيني ۾ توبه ڪرڻ وارن تي رحمت جو وهڪرو تيز ٿي ويندو آهي ۽ عبادت ڪرڻ وارن تي قبوليّت جي اَنوار جو فيضان جاري ٿيندو آهي۔ (مکاشفۃ القلوب،الباب المتمم للمائۃ فی فضائل رجب،ص301۔تحفۃ الاخوان ،ص12)

          رجب ۽ اَصَبّ جي علاوه به هن مبارڪ مهيني جا ڪيئي نالا آهن۔ لطائفُ الْمَعَارِف ۾ 17 نالا ذڪر ڪيا ويا آهن. جيئن شَھْرُ اللہ، مُنْصِلُ الاَسِنَّۃ، اَلْاَصَبَّ، مُطَہِّر، مُعَلّٰی وغيره (لطائف المعارف، ص132) جڏهن ته حضرت امام ابو الخطاب عمر بن حسن ابنِ دحيهرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ ٻن نالن جو اضافو ڪيو آهي۔ (اداء ماوجب لابن دحیۃ، ص 31-35)

 رجب خير و ڀلائي جي ڪنجي

حضرت علامه يوسف بن عبدُالھادي حنبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رَجَب جو