Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain
۾ فرياد ڪندو آهي ته ان جو فرياد ٻڌو ويندو آهي ۽ ظالم کي انجام تائين پهچڻ ۾ دير ناهي لڳندي جيئن
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِتَّقِ دَعْوَة الْمَظْلُوْمِ فَاِنَّھَا لَيسَ بَينَھَا وَ بَينَ الله حِجَابٌ يعني مظلوم جي بد دُعا کان بچو! بيشڪ ان جي بد دُعا ۽ الله پاڪ جي وچ ۾ ڪا رُڪاوٽ ناهي۔ (بخاری، کتاب المظالم و الغصب، باب الاتقاء و الحذر۔۔۔الخ،2/128،حدیث:2448) اچو سڀ ملي ڪري دعا ٿا ڪيون:
ہمیشہ ہاتھ بھلائی کے واسطے اٹھیں بچانا ظلم و ستم سے مجھے سدا یارب
رہیں بھلائی کی راہوں میں گامزن ہر دم کریں نہ رخ مِرے پاؤں گناہ کا یارب
بيان ڪيل واقعي مان اهو به معلوم ٿيو ته رَجَبُ المرجّب جو مهينو دُعائون قبول ٿيڻ جي حوالي سان وڏي اهميت وارو آهي جيئن ته تاريخ ابنِ عساڪر جي هڪ ڊگھي روايت ۾ آهي: جاهليت واري زماني ۾ به ماڻهو ان مهيني جي تعظيم ڪندا هئا، پنهنجي مٿان ڪيل ظلم جي خلاف ڪا بددُعا وغيره نه ڪندا هئا پر جڏهن رَجَبُ المرجّب جو مهينو ايندو هو ته ظالم جي خلاف دُعا ڪندا هئا ته انهن جي دُعا قبول ٿي ويندي هئي۔ (تاريخ ابن عساکر،45/81)
حضرت امام زَڪريا قَزوِيني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ شارحِ بخاري حضرت سيدُنا امام قَسطلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه بيان فرمائن ٿا ته ڪثير حديث سڳوريون رجب جي مهيني جي عظمت ۽ شان تي دلالت ڪن ٿيون ان ۾ عبادتون قبول ۽ دُعائون مُستجاب ٿين ٿيون، جاهليت واري زماني ۾ ڪو مظلوم شخص جيڪڏهن ظالم جي لاءِ بد دُعا ڪرڻ چاهيندو هو ته پنهنجو ارادو رجب تائين مؤخّر ڪندو هو ۽ رجب جي اچڻ تي ظالم جي خلاف دعا ڪندو هو ته اها دُعا قبول ٿي ويندي هئي۔ (عجائب المخلوقات،ص69۔لوامع الانوار،الباب الثالث۔۔۔الخ،الدعاء فی شہر رجب، ص260 مفہوماً)