Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain
ہو نہ ہو آج کچھ مرا ذکر حُضور میں ہوا ورنہ مِری طرف خوشی دیکھ کےمسکرائی کیوں
(حدائقِ بخشش ،ص۹۷)
اَلْحَمْدُ لِلّٰه هڪ ڀيرو وري خوشين جا ڏينهن اچڻ لڳا رجب شريف جي مهيني جي آمد آمد آهي. هن مبارڪ مهيني ۾ عبادت جو ٻج پوکيو ويندو آهي، شَعبانُ المُعَظم ۾ شرمساري جي ڳوڙهن سان پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ رحمت جو فصل ڪٽيو ويندو آهي.
رجب المرجب جا قدر دانو! تعليم و تعلُّم (يعني سکڻ ۽ سيکارڻ) ۽ ڪسبِ حلال ۾ رڪاوٽ نه هجي، ماءُ پيءُ به بلا وجه منع نه ڪن، ڪنهن جي به حق تلفي نه ٿيندي هجي ته جلدي جلدي ۽ تمام جلدي مسلسل ٽن مهينن جا يا رمضان المبارڪ جي مڪمل فرض روزن سان گڏ جنهن کان جيترا ٿي سگهن نفل روزن جي لاءِ تيار ٿي وڃو، سحري ۽ افطار ۾ گهٽ کائي پيٽ جو قفل مدينه به لڳايو. ڪاش! هر گهر ۾ ۽ منهنجي جمله مدارس المدينه ۽ تمام جامعة المدينه ۾ روزن جون بهارون اچي وڃن. بس پهرين رجب شريف کان ئي روزن جو آغاز فرمائيندا وڃو.
رجب جي ابتدائي ٽن روزن جي فضيلت
رَجب شريف جي ابتدائي ٽن روزن جي فضيلتن جي به ڇا ڳالھ آهي! حضرتِ عبدُالله اِبنِ عبّاس رَضِىَ اللّٰه عَنْهما کان روايت آهي:
بي چَين دلين جي چَين، ناناءِ حَسنين صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ رَحمت نشان آهي: رجب جي پهرئين ڏينهن جو روزو ٽن سالن جو ڪفارو آهي ۽ ٻئي ڏينهن جو روزو ٻن سالن جو ۽ ٽئي ڏينهن جو رزو هڪ سال جو ڪفارو آهي، پوءِ هر ڏينهن جو رزو هڪ مهيني جو ڪفارو آهي. (جامع صغیر ،ص۳۱۱، حدیث: ۵۰۵۱)