Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

رهنداسين اِنْ شَآءَ الله ۔ هفتيوار مَدَني مذاڪري کان علاوه مختلف موقعن تي به مَدَني مذاڪرن جو سلسلو ٿيندو آهي، جيئن ته ڪجھ ئي ڏينهن کان پوءِ رجب المرجب جي آمد ٿيڻ واري آهي ۽ رجب جي شروعاتي 6 ڏينهن ۾ 6 مدني مذاڪرن جو سلسلو به ٿيندو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان عاشقانِ رسول عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ۾ گڏ ٿي انهن مدني مذاڪرن جون برڪتون حاصل ڪندا آهن، علمِ دِين سکندا آهن۔ عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ڪراچي جي علاوه ٻين ڪيئي شهرن ۾ عاشقانِ رسول اجتماعي طور تي انهن مدني مذاڪرن ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪندا آهن، الله ڪري ته اسان به رجب جي مهيني ۾ ٿيندڙ انهن مدني مذاڪرن مان خوب علمِ دِين حاصل ڪرڻ، فيضانِ خواجه غريب نواز ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔ اچو! تَرغيب لاءِ مدني مذاڪري جي هڪ مَدَني بَهار ٻڌون ٿا،

مدني مذاڪري جي برڪت

واه ڪينٽ (پنجاب، پاڪستان) جي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته دعوت اسلامي جي مدني ماحول کان اڳ ڪيئي نوجوانن جيان مان به ڪافي اَخلاقي بُرائين ۾ مبُتلا هئس۔ فلمون ڊراما ڏسڻ، راند روند ۾ وَقت برباد ڪرڻ منهنجو محبوب مَشغَلو هو۔ گھر ۾ مدني چينل هلڻ جي برڪت سان مدني مُذاڪرو ڏسڻ جي سَعادت نصيب ٿي، اَلْحَمْدُلِلّٰه اڳوڻن سڀني گُناهن کان توبه ڪري فرض ۽ واجب جو عامِل بڻجڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهيان، چهري تي هڪ مٺ ڏاڙھي شريف سجائي ورتي ۽ مدني حُليو به اَپنائي ورتو آهي، الله پاڪ جو وڌيڪ ڪرم هي ٿيو جو والِدَين خوشي سان ’’وقفِ مدينه‘‘(دعوتِ اسلامي جي ڪمن لاءِ پيش) ڪري ڇڏيو آهي۔

اے بیمارِ عِصیاں تُو آجا یہاں پر                        گُناہوں کی دیگا دَوا مَدَنی ماحول