Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

مدني گل ٻڌون ٿا:

نيڪ ڪمن ۾ وقت گذاريو!

هونئن ته سڄو سال اسان کي نيڪين ۾ مصروف رهڻ گهرجي پر رجب ۾ خاص طور تي خوب نيڪ عملن جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ڇوته اهو حرمت وارن مهينن مان آهي ۽  مشهور تابعي بزرگ حضرت سيدنا قتاده فرمائن ٿا: اَلْعَمَلُ الصَّالِحُ اَعْظَمُ اَجْرًا فِیْ الْاَشْہُرِ الْحُرُمِ  يعني حرمت وارن مهينن ۾ نيڪ عمل جو اجر وڌي ويندو آهي. ( تفسیر بغوی،التوبۃ،تحت الآیۃ:36، 2/244)

تنهنڪري اسان کي به ماھِ رجب ۾ نيڪ عمل ڪرڻ گهرجن. اسان کي گهرجي ته نمازون جماعت سان پڙهون، نيڪي جي دعوت ڏيون، گناهن کان منع ڪريون، مدرسة المدينہ ۾ سکڻ سيکارڻ جو سلسلو بڻايون، فجر جي نماز کانپوءِ مدني حلقي ۾ شرڪت ڪريون، هفته وار اجتماع ۾ اول کان آخر شرڪت ڪريون. مسجد درس ڏيون/ٻڌون، چوڪ درس ڏيون/ ٻڌون.  مطلب ته! هي سڀ نيڪي جا ڪم آهن سڄو ماھ رجب بلڪ سڄي زندگي انهيءَ ڪمن ۾ گذارڻ جي نيت ڪيو.

رجب جا روزا رکو!

          هن سان گڏوگڏ رجب جون رحمتون ۽ برڪتون ماڻڻ جو هڪ طريقو اهو آهي ته هن ۾ خوب خوب روزا رکيا وڃن، ڇوته رجب مهيني ۾ به روزا رکڻ جون کوڙ فضيلتون آهن، اچو! رجب جا روزا رکڻ بابت فضيلتن واريون ٽي روايتون ٻڌون ٿا:

(1) حضرت سيدُنا انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: جنّت ۾ هڪ نهر آهي جنهن کي رجب چيو وڃي ٿو، ان جو پاڻي کير کان وڌيڪ سفيد ۽ ماکيءَ کان وڌيڪ مٺو آهي، جيڪو رجب جي مهيني ۾ هڪ روزو رکندو