Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

عرض ڪرڻ لڳو؛ يا رسولالله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ اوهان تي جيڪو سچو ڪتاب نازل فرمايو آهي، ان ۾ (سيپارو 5 سُوْرَۃُالنِّسَاء جي) اها آيت به آهي۔

وَ لَوْ اَنَّهُمْ اِذْ ظَّلَمُوْۤا اَنْفُسَهُمْ جَآءُوْكَ فَاسْتَغْفَرُوا اللّٰهَ وَ اسْتَغْفَرَ لَهُمُ الرَّسُوْلُ لَوَجَدُوا اللّٰهَ تَوَّابًا رَّحِیْمًا(۶۴) (پ 5 النساء 64) 

ترجموڪنزالايمان؛ ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪن ته اي محبوب تنهنجي بارگاهه ۾ حاضر ٿين پوءِ الله کان معافي گھرن ۽ رسول انهن جي شفاعت فرمائي ته ضرور الله کي گھڻو توبهه قبول ڪندڙ مهربان لهندا۔

 

اي منهنجا آقا ۽ مولا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ! مان بخشڻهار ربّ پاڪ کان پنهنجي ڪوتاهين ۽ گناهن جي معافي گهرندي اوهان جي درٻار ۾ حاضر ٿيو آهيان ۽ اوهان کي ربّ جي درٻار ۾ پنهنجو شفيع بڻايان ٿو۔ اهو چئي اهو عاشق رسول روئڻ لڳو ۽ ان جي زبان تي هي شعر هئا؛

یَا خَیْرَ مَنْ دُفِنَتْ بِالْقَاعِ اَعْظُمُہٗ                                                                                 فَطَابَ مِنْ طِیْبِہِنَّ الْقَاعُ وَالْاَکَمْ

رُوْحِی الْفِدَاءُ لِقَبْرٍ اَنْتَ سَاکِنُہٗ                                                                                    فِیْہِ الْعِفَافُ وَفِیْہِ الْجُوْدُ وَالْکَرَمْ

ترجمو؛ (1) اي اها بهترين ذات! جنهن جو مبارڪ وجود ان زمين ۾ دفن ڪيو ويو ته ان جي عمدگي ۽ پاڪيزگيءَ سان ميدان ۽ دڙا (ڀٽ) معطر ٿي ويا۔ (2) منهنجي جان فدا ٿئي ان نوراني قبر تان جنهن ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن آرام فرمائي رهيا آهن، جنهن ۾ پارسائي سخاوت، عفو ۽ ڪرم جو وڏو قيمتي خزانو آهي۔

اهو عاشق رسول گھڻي دير تائين انهن شعرن کي پڙهندو رهيو، پوءِ پنهنجي گناهن جي معافي گهرندي اشڪبار اکين سان اتان کان هليو ويو۔ حضرت سيدنا محمد بن حرب هلالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته جڏهن مان ستس ته خواب ۾ رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو، پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن مون کي ارشاد فرمايو؛ اِلْحَقِ الرَّجُلَ فَبَشِّرْہُ اَنَّ اللّٰہَ تَعَالٰی قَدْ غَفَرَ لَہٗ بِشَفَاعَتِیْ يعني ان اعرابي سان ملو ۽ ان کي خوشخبري ٻڌايو ته الله ربّ العزت منهنجي سفارش جي ڪري ان جي مَغفرت فرمائي ڇڏي آهي۔ (عُيون الحڪايات،۲/ ۳۷۸ ملخّصًا )