Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

ڪرائي۔ انهيءَ دوران هڪ اسلامي ڀاءُ اُنهن کي اَمِيرِاَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي عطا ڪيل رِسالي شَجَرَهٔ قادِرِيه رَضَوِيه ضِيائِيه عَطَّارِيه کان شَجَرَه عَالِيه جا دُعائيه

 شعر پڙھڻ جو مَشوَرو ڏنو۔ اُنهن شَجَري شريف مان دُعائيه شعرن کي بِلاناغه پڙھڻ شروع ڪيو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شَجَرَه عَالِيه قادِرِيه رَضَوِيه عَطَّارِيه پڙھڻ جي بَرَڪت سان انهن جو اهو ڪم جيڪو ڪيئي سالن کان نه پئي ٿيو، حَيرت اَنگيز طور تي ڪجھ ڏينهن ۾ ٿي ويو يعني اُنهن کي ضرورت موجب تعداد ۾ ويزائون ملي ويون۔

مُشْکِلیں حَل کر شَہِ مُشکِل کُشا کے واسِطے                    کر بَلائیں رَد شہیدِ کربَلا کے واسِطے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

يادِ مدينه

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان مديني پاڪ جي فضيلتن ۽ خصوصيتن ۽ اتي جي مُقَدَّس هنڌن جو ذِڪرِ خَير ٻڌي رهيا آهيون۔ ياد رهي! ذِڪرِ مدينه عاشِقانِ رسول جي لاءِ دل ۽ جان جي سڪون جو سبب آهي، دنيا جي مختلف زبانن ۾ جيترا قصيدا مدينه منوره جي هِجر و فراق ۽ ان جي ديدار جي تمنا ۾ پڙهيا ويا يا پڙهيا ويندا آهن، اوترا دنيا جي ڪنهن ٻئي شهر يا علائقي جي لاءِ نه پڙهيا ويا نه پڙهيا ويندا آهن ۽ جنهن کي هڪ دفعو به مديني جو ديدار ٿي وڃي ٿو اهو پنهنجو پاڻ کي خوش نصيب سمجهي ٿو ۽ مديني ۾ گزاريل حَسين لمحن کي هميشه جي لاءِ يادگار قرار ڏي ٿو۔

وہ مدینہ جو کونین کا تاج ہے     جس کا دیدار مومن کی معراج ہے

زندگی میں خدا ہر مسلمان کو    وہ مدینہ دکھادے تو کیا بات ہے

عُشّاقِ مدينه ان جي فُرقَت (جدائي) ۾ تڙپندا ۽ زِيارَت جا بيحد مُشتاق رهندا آهن۔ مدينو ڇا آهي ۽ مديني سان عشق ڪيئن هئڻ گھرجي؟ مديني کان جدائي جي وَقت اسان جا جذبات ڪيئن هئڻ گھرجن؟ ان جي لاءِ بزرگانِ دين