Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

مدينه پاڪ ۽ سبز سبز گنبد جي زيارت جو جام پيئڻ نصيب ٿي ويو۔ ڪنهن

 شاعِر خوب چيو آهي ته

 کہاں کا مَنْصَب کہاں کی دَولت  قسم خُدا کی ہے یہ حقیقت

جنہیں بُلایا ہے مُصْطَفٰے نے  وہی مدینے کو جارہے ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

       اي عاشقانِ رسول! مدينو شريف اهڙو بابرڪت ۽ عظمت وارو مقدس ۽ محترم مقام آهي جو جيڪو اتي ويندو آهي ان جو واپس موٽڻ جو دل ناهي چاهيندو ڇوته مديني پاڪ ۾ اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو روضو مبارڪ ۽ پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان منسوب بيشمار يادون موجود آهن، مديني پاڪ ۾ اهڙو دلي سڪون ملندو آهي جو دنيا جي ڪنهن ٻي شهر ۽ ڪنهن خوبصورت جڳھ تي به ناهي ملندو، تنهنڪري جيڪڏهن ڪڏهن راھ مدينه ۾ ڪا پريشاني اچي يا مديني شريف ۾ ڪا تڪليف استقبال ڪري ته صَبر ڪري سعادت سمجھي ان کي قَبول ڪرڻ گھرجي ڇوته اتي تڪليف تي صَبر ڪرڻ وارن جي لاءِ الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي شفاعت جي بشارت (خوشخبري) عطا فرمائي آهي، جيئن

مديني شريف جي تڪليفن تي صَبر جي فضيلت

      رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو شخص منهنجي زيارت جي ارادي سان آيو اهو قيامت جي ڏينهن منهنجي حفاظت ۾ رهندو ۽ جيڪو شخص مديني ۾ رهائش اختيار ڪندو ۽ مديني جي تڪليف تي صبر ڪندو ته مان قيامت جي ڏينهن ان جي گواهي ڏيندس ۽ ان جي شفاعت ڪندس ۽ جيڪو شخص حرمَين (مڪي ۽ مديني) مان ڪنهن به هڪ ۾ مرندو ته الله تعاليٰ ان کي ان حال ۾ قبر مان اٿاريندو جو هو قيامت جي خوف کان امن ۾ هوندو۔ (مشڪاۃالمصابيح،۱/۵۱۲،حديث ۲۷۵۵)