Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

ڳالهه چئي آهي؛ اربابِ بصيرت (يعني دل جي نظر رکڻ وارا) اهو سمجهن ٿا ته ان (مڪي مديني) جي جبلن ۽ وادين ۾ ڪيتري قدر نورانيّت ظاهر ٿي رهي آهي! بيشڪ ان جو سبب اهو آهي ته انهن سڀني جڳهن ۾ ڪو به اهڙو ذرو ناهي جنهن تي نظر مبارڪ نه پئي هجي ۽ ان ديدار مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شرف حاصل نه ڪيو هجي۔ (جذب القلوب ص۱۴۸ ) 

 

آ کہ میں روح کی ہر تہ میں سَمولوں تجھ کو                          اے ہوا تُو نے تو سرکار کو دیکھا ہوگا

 

اچو! حُصولِ بَرَڪت جي لاءِ مديني پاڪ جي ڪجھ مسجدن ۽ مقدس ۽ بابرڪت مقامن جو مُختَصر ذِڪر ٻڌون ٿا

(1) مسجدِ قُبا شريف

      مديني شريف کان تقريبًا ٽي ڪلوميٽر پري ڏکڻ اولهه جي طرف ”قُبا“ نالي هڪ قديمي ڳوٺ آهي جتي اها برڪت واري مسجد بڻيل آهي۔ قرآن شريف ۽ صحيح حديثن ۾ ان جا فضائل خصوصيت سان بيان فرمايا ويا آهن، عاشقانِ رسول مسجد نبوي شريف کان وچولي چال پيادل هلي تقريبًا 40 منٽ ۾ مسجد قبا پهچي سگھن ٿا۔ بخاري شريف ۾ آهي؛ رحمتِ عالم، نور مُجَسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر ڇنڇر تي ڪڏهن پيادل ته ڪڏهن سواريءَ تي مسجد قُبا تشريف وٺي ويندا هئا۔ اچو! مسجد قُبا ۾ حاضِر ٿي نماز پڙھڻ جي فضيلتن تي مُشْتَمِل ٻه فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو، جيئن ته

مسجدِ قُبا ۾ نماز پڙھڻ جون فضيلتون

حُضور نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: مسجد قبا ۾ نماز پڙهڻ عُمري جي برابر آهي۔ (ترمذي ج 1 ص 348 حديث 324) هڪ ٻي جاءِ تي فرمايائون؛ جنهن شخص پنهنجي گھر ۾ وضو ڪيو پوءِ مسجد قبا ۾ وڃي نماز پڙهي ته ان کي عُمري جو ثواب ملندو۔ (ابنِ ماجه،۲ /۱۷۵،حديث:۱۴۱۲) 

(2) مسجدِ غَمامه

مڪي شريف يا جدّه شريف کان جڏهن مدينه منوره اچبو آهي ته مسجد نبوي