Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا

 

جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

قَبر ۽ دفن جا مَدَني گل

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! قَبر ۽ دَفن جي باري ۾ ڪجھ مَدَني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ v هڪ قَبر ۾ هڪ کان وڌيڪ بِلا ضَرورت دَفن ڪرڻ جائز نه آهي ۽ ضَرورت هجي ته ڪري سگھو ٿا۔ (بهار شريعت جلداوّل ص۸۴۶، عالمگيري ج۱ ص۱۶۶ ) v جنازو قَبر کان قبلي ڏانهن رکڻ مُستَحب آهي ته جيئن ميت قبلي واري پاسي کان قَبر ۾ لاٿي وڃي۔ قَبر جي پيراندي (يعني پيرن واري جڳھ) رکي مٿي ڏانهن نه آڻيو۔ (بهارِ شريعت ج۱، ص ۸۴۴) v حَسبِ ضَرورت ٻه يا ٽي ۽ بهتر هي آهي ته قَوي (طاقت ور) ۽ نيڪ ماڻهو قَبر ۾ لهن۔ عَورَت جي ميت مَحارِم لاهين اهي نه هجن ته ٻيا رِشتيدار، اهي به نه هجن ته پرهيزگار لاهين۔ (عالمگيري ج ۱ ص۱۶۶) v عَورَت جي ميت کي لاهڻ کان تختا لڳائڻ تائين ڪنهن ڪپڙي کان لڪائي رکو۔ v قَبر ۾ لاهڻ وقت اها دُعا پڙھو: بِسْمِ الله وَبِالله وَعَلٰي مِلَّۃِ رَسُوْلِ الله۔ (تنوير الابصار ج۳ص۱۶۶) v ميت کي ساڄي پاسي ليٽايو ۽ ان جو چهرو قبلي ڏانهن ڪيو ۽ ڪفن واري پٽي کولي ڇڏيو ڇوته هاڻي ضَرورت ناهي، نه کولي ته به حَرَج نه آهي۔ (عالمگيري ج۱ص۱۶۶،جوهره ص۱۴۰) v ڪفن جي ڳنڍ کولڻ وارو اها دُعا پڙھي: اَللّٰهمَّ لَا تَحْرِمْنَا اَجْرَه وَلَا تَفْتِنَّا بَعْدَه ترجمو: اي الله! اسان کي ان جي اَجر کان محروم نه ڪر ۽ اسان کي ان کان پوءِ واري فتني ۾ نه وجھ۔ (حاشيۃ الطحطاوي علي مراقي الفلاح ص۶۰۹) v قَبر ڪچّي سرن سان بند ڪريو جيڪڏهن زَمين نَرم هجي ته (ڪاٺي جا) تختا لڳائڻ به جائز آهن۔ (بهارِشريعت ج۱ص۸۴۴) v هاڻي مِٽّي ڏني وڃي، مُستَحَب اهو آهي ته سيراندي کان ٻنهي هٿن سان ٽي ڀيرا مٽّي وجھو۔ پهرين ڀيري چئو مِنْھَا