Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

تاريخِ وصال

1367 هجري جي ٻي رات 12 لڳي 26 منٽ بمطابق 6 سيپٽمبر1948 تي وصالِ ظاهري ٿيو، مدينة العلماء گهوسي (ضلعو اعظم گڙهه) ۾ سندن مزار آهي ۽ ان جي زيارت عام ۽ خاص سڀ ڪري سگهن ٿا.

تدريس

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه طالب علمي جي دوران درس ۽ تدريس جي شعبي کي اختيار فرمايو ۽ علم جي اڃايلن کي سيراب ڪيو.

بهارِ شريعت

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه دينِ متين جي خدمت جي لاءِ 27 سال جي عرصي ۾ آيتن ۽ حديثن سان مالامال، فقهي ڪتابن مان چونڊي چونڊي فقهي مسئلن کي گڏ ڪري هڪ عظيم الشان تصنيف “بهارِ شريعت“نالي مرتب فرمائي.

ڪنز الايمان

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي پير و مرشد اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان ترجمه قرآن”ڪنز الايمان“ لکرائڻ جو شرف حاصل ڪيو.

فتاوي امجديه

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو هڪ ٻيو ڪارنامو فتاوي امجديه به آهي. 4 جلدن تي مشتمل هي ڪتاب صدرالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بهترين فتون جو مجموعو آهي جنهن کي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وصال کان بعد تحرير فرمايو هو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

            مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان