Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته رهو ۽ عَمَلي طور تي خدمتِ دِين کي پنهنجي زندگي جو مقصد بڻائي وٺو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي 104 شعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، انهن شعبن مان هڪ شعبومجلسِ تَراجِم“ به آهي جنهن نهايت ٿوري وقت ۾ امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه ۽ مڪتبة المدينه جي ڪتابن ۽ رسالن جو دنيا جي مختلف زَبانن مثال طور، انگلش، عربي، فارسي، فرنچ ، جرمن ، چائنيز، اٽالين، رشين، هندي، گجراتي، سنڌي، بنگالي جي علاوه ڪم وبيش 36 زبانن ۾ ترجمو ڪرڻ جي خدمت سَراَنجام ڏئي رهي آهي ته جيئن اردو پڙھڻ وارن سان گڏوگڏ دنيا جون ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ وارا ڪروڙين ماڻهو به فيضياب ٿي سگهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مجلس تراجم جا تمام ڪتاب ۽ رسالا دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تي موجود آهن، ان جي علاوه ”مدني بُڪس لائبريري “ جي نالي سان موبائل ايپلي ڪيشن به آهي، جنهن جي مدد سان اوهان ڪتابن ۽ رسالن جو نه صرف پاڻ مطالعو ڪري سگھو ٿا بلڪ پنهنجي دوستن ۽ احبابن کي هن ايپلي ڪيشن جو لِنڪ (Link) شئير ڪري ثوابِ جاريه جو سامان ڪري سگھو ٿا۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مدينه طيبه جا بَرَڪت وارا مقام

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مرڪزِ عُشاق يعني مٺو مٺو مدينو سڄي جو سڄو نور بار آهي ۽ اڄ به جڳھ به جڳھ مختلف دلڪش مسجدون ۽ ضيابار مُقَدَّس مقام پنهنجون برڪتون لُٽائي رهيا آهن۔ مشهور مُحَدِّث حضرت علّامه شَيخ عبدُالحق مُحَدِّث دِهلَوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عشق ۽ مستي ۾ گم ٿي ڪيتري ته پياري