Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

تمنّا  ہے  فرمایئے  روزِ  محشر       یہ تیری رہائی  کی چِٹھی ملی ہے

شفاعت کرے حشر میں جو رضاؔ کی    سِوا تیرے کس کو یہ قدرت ملی ہے

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عاشقان رسول جي لاءِ راھِ مدينه جو هر ڪنڊو به گل جيان آهي تنهنڪري سَفرِ مدينه دوران جيڪڏهن ڪا پريشاني اچي، ڪو تنگ ڪري، ڌڪو ڏي، خلافِ مزاج ڳالھ چئي، اوچتو ڪا زميني يا آسماني آفت اچي ته ان موقعي تي بي صَبري ڪرڻ، روئڻ پٽڻ، بدلو وٺڻ ۽ شڪوو شڪايت ڪرڻ تمام وڏي محرومي جو سبب بڻجي سگھي ٿو۔ ائين ئي جيترو عرصو مديني پاڪ جي فضائن ۾ گذري ته ڪوشش ڪريو ته ادب و تعظيم جو دامن هٿ مان نه نڪري۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ الله وارا مديني پاڪ جو تمام گھڻو ادب ۽ احترام ڪندا آهن۔ اچو! هڪ زبردست عاشقِ رسول بزرگ جي مديني سان مَحَبَّت ۽ اتي جي ادب جي باري ۾ 2 دلنشين واقعا ٻڌون ٿا، جيئن

(1) مديني سان مَحَبَّت جو انداز

          مالڪين جا عظيم پيشوا حضرت سَيدُنا امام مالِڪرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه زبردست عاشقِ رسول ۽ مدينه مُنَوَّره جو تمام گهڻو ادب (Respect) ڪرڻ وارا هئا۔ پاڻرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مديني ۾ رهڻ جي باوجود قضاءِ حاجت جي لاءِ حرمِ مدينه کان ٻاهر ويندا هئا ۽ حُدودِ حرم کان ٻاهر پنهنجي طبعي حاجت کان فارغ ٿيندا هئا۔

(بستان المحدثين ، ص۱۹)

عرصہ ہواطیبہ کی گلیوں سے وہ گزرے تھے

اس وقت بھی گلیوں میں خوشبو ہے پسینے کی

(2)امامِ مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ تعظيمِ خاڪ مدينه

          حضرت سيدنا امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ مون مديني شريف ۾ حضرت سيدنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دروازي تي خراسان يا مصر جا گهوڙا ٻڌل ڏٺا ايترا اعليٰ قسم جا گهوڙا مون ڪڏهن به نه ڏٺا هئا۔ مون عرض ڪيو؛