Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

مديني شريف جون فضيلتون ۽ ياد مدينه

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                    وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                      وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَـوَیْتُ سُنَّتَ الاعْتِکَاف (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جيڪو چاهي (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو)

دُرُود شريف جي فضيلت

حضرت سيدنا اِبنِ وَهب رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ کان روايت آهي ته حضرت سيدنا ڪعب رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ امّ المومنين حضرت سيدتنا عائشه صديقه رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہَا جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. ماڻهن رسولِ اڪرم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو ذڪر ڪيو ته حضرت سيدنا ڪعب رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمايو: هر ڏينهن ستر هزار ملائڪ لهندا آهن جيڪي رسولِ پاڪ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي قبر شريف کي گهيري وٺندا آهن، پنهنجا پر وڇائيندا آهن ۽ نبيّ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ تي درود شريف پڙهندا رهندا آهن، ايستائين جو