Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

ڪيو ٿا ته تو مون سان سٺو سُلوڪ ڪيو آهي ته (ٻڌ) مان مديني شريف تي دنيا کي ترجيح نٿو ڏيان۔ (احياء العلوم،۱/۱۱۳)

مدینہ اِس لیے عطارؔ جان و دل سے ہے پیارا

کہ رہتے ہیں مِرے آقا مِرے سَروَر مدینے میں

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شيخ طريقت، اميراهلسنت، بانيِ دعوت اسلامي حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ کي کوڙ ڀيرا سفرِ حج ۽ سفرِ مدينه جي سعادت حاصل ٿي آهي، جنهن ۾ مجموعي طور تي جيڪا ڪيفيت رهي ان کي پوري طرح ته بيان نه ٿو ڪري سگهجي البت پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي هڪ سفرِ مدينه جا مختصر احوال ٻڌون ٿا: جيئن

امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو سفرِ مدينه

   جڏهن مديني پاڪ ڏانهن وڃڻ جي اميراهلسنت جي مبارڪ گهڙي آئي ته ائير پورٽ تي عاشقانِ رسول امير اهلسنت کي الوداع چوڻ لاءِ موجود هئا، مديني جي ديوانن اميرِاهلسنت جي چوڌاري نعتون پڙهڻ شروع ڪري ڏنيون. ڏک ۽ غم ۾ ڀريل نعتن عاشق جي عشق جي باهه کي ويتر ڀڙڪايو. غم مدينه ۾ روئڻ ۽ هڏڪين سان فضا سوگوار ٿيندي پئي وئي، پڻ عاشقِ مدينه امير اهلسنت جي ڪيفيت وڏي عجيب هئي. سندن اکين مان لڙڪ جاري هئا ۽ سندن هن اشعارن جا مصداق نظر پئي آيا ته

آنسوؤں کی لَڑی بن رہی ہو                                              اور آہوں سے پَھٹتا ہو سینہ

وردِ لَب ہو "مدینہ مدینہ"                                               جب چَلے سُوئے طیبہ سفینه

عشق ۽ الفت جو اهو نرالو انداز هر هڪ جي سمجهه ۾ ته نٿو اچي سگهي ڇو ته طيبه جي حاضري جي لاءِ وڃڻ وارا ته اڪثر خوش ٿيندا آهن، مبارڪ