Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

مدينه منوره جون 14 خاصيتون

(1) سڄي زمين ۾ ڪو اهڙو شهر ناهي جنهن جا مبارڪ نالا ايترا وڌيڪ هجن جيترا مدينه منوره جا نالا آهن، ايستائين جو ڪجهه عالمن هن جا 100 نالا تحرير فرمايا آهن.(2) مدينو منوره اهڙو شهر آهي جنهن جي محبت ۽ ياد ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ زبانن ۽ تعداد ۾ قصيده لکيا ويا، لکيا پيا وڃن ۽ لکيا ويندا رهندا. (3) الله پاڪ جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن جي طرف هجرت ڪئي ۽ هتي ئي رهائش اختيار فرمايائون (4) الله پاڪ هن جو نالو طابه رکيو (5) حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن سفر کان واپس تشريف کڻي ايندا ته مدينه منوره جي ويجهو پهچي ان کان محبت ۽ شوق جي سبب سان پنهنجي سواري کي تيز هلائيندا هئا (6) مدينه منوره ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ دل سڪون ماڻيندو هو. (7) هتان جو غرد و غبار پنهنجي چهري مبارڪ کان صاف نه فرمائيندا هئا ۽ صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ کي به هن کان منع فرمائيندا هئا ۽ ارشاد فرمائيندا هئا ته مديني جي خاڪ ۾ شفاء آهي. (جذب القلوب، ص22) (8) جڏهن ڪو مسلمان زيارت جي نيت سان مدينه منوره ايندو آهي ته ملائڪ رحمت جي تحفن سان ان جو استقبال ڪندا آهن. (جذب القلوب، ص211) (9) سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مدينه منوره ۾ مرڻ جي ترغيب ارشاد فرمائي. (10) هتي مرڻ واري جي حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ شفاعت فرمائيندا. (11) جيڪو وضو ڪري اچي ۽ مسجد نبوي شريف ۾ نماز ادا ڪري ان کي حج جو ثواب ملندو آهي.(12) حجره مبارڪ ۽ منبر منوره جي وچ واري جاءِ جنت جي باغن مان هڪ باغ آهي(يعني جنت جي ڪياري) آهي. (13) مسجد نبوي شريف ۾ هڪ نماز پڙهڻ پنجاهه هزار (50،000) نمازن جي برابر آهي. (ابن ماجه ج 2 176 حديث 1413) (14) مدينه منوره جي سرزمين تي مزارِ مصطفٰي آهي جتي صبح ۽ شام ستر ستر هزار(70،000) ملائڪ حاضر ٿيندا آهن.

                                                 (عاشقانِ رسول جون 130 حڪايتون مع مڪي مديني جون زيارتون، ص 259 کان 262 ملتقطا)

رہیں اُن کے جلوے بسیں اُن کے جلوے

مِرا دل بنے یادگارِ مدینہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد