Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

هي گهوڙا ڪيڏا نه بهترين آهن؟ فرمايائون؛ مان هي سڀ توهان کي تحفي ۾ ڏيان ٿو، مون عرض ڪيو؛ هڪ گھوڙو پنهنجي لاءِ به رکو۔ فرمايائون؛ مون کي الله تعاليٰ کان حياءُ ٿو ٿئي ته ان مبارڪ زمين کي پنهنجي گهوڙي جي پيرن هيٺان لتاڙيان جنهن تي الله جا پيارا پيغمبر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ موجود آهن يعني (سندن مبارڪ روضو آهي)۔ (احياء العلوم ،۱/۱۱۴ ملخصاً)

 ہاں ہاں رہِ مدینہ ہے غافل ذرا تو جاگ     او پاؤں رکھنے والے یہ جا چشم  و سر کی ہے
اللہُ اکبر! اپنے قدم اور یہ خاکِ پاک  حسرت ملائکہ کو جہاں وَضْعِ سَر کی ہے

 

       سُبْحٰنَ الله عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان! امام مالڪرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيتري قدر زبردست عاشقِ رسول، مديني شريف سان مَحَبَّت ۽ ان جو ادب ڪرڻ وارا هئا۔ جيئن ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عالِمِ مدينه به هئا تنهنڪري ادب سندن طبيعت ۾ تمام گھڻو موجود هو، جڏهن ته اڄ اسان جي معاشَري کي عِلم و ادب ٻنهي جي تمام گھڻي ضرورت آهي، عِلم جي دولت هوندي ته ادب جي سعادت به ملندي ۽ عِلم کان خالي هوندا ته خطرو آهي ته بي ادَبي جي گهري کڏ ۾ نه وڃي ڪِرون۔ خاص ڪري سَفرِ مدينه جي دوران ته زائرِ مدينه کي وڏي احتياط سان قدم رکڻ ۽ باادب رهڻ تمام گھڻو ضروري آهي جو هي اهو در آهي جنهن جو ادب اسان جي ربِّ ڪريم اسان کي سيکاريو آهي، تنهنڪري هن معاملي ۾ ٿوري سُستي ۽ ڪوتاهي جو مظاهرو ڪرڻ تمام وڏي نقصان ۽ جو سبب آهي۔ اچو! هن باري ۾ هڪ عبرت ناڪ واقعو ٻڌو ۽ عبرت حاصل ڪريو، جيئن

مديني جي دهي جي بي ادبي جو وبال

      هڪ شخص مدينه مُنَوَّرَه ۾ هر وَقت روئيندو ۽ معافي گھرندو رهندو هو، جڏهن ان کان ان جو سبب پڇيو ويو ته ان جواب ڏنو۔ هڪ ڏينهن مون مديني شريف جي ڏهي کي کٽو ۽ خراب چيو هو، اهو چوندي ئي منهنجي نسبت (معرفت) کسجي وئي ۽ مون تي عِتاب (غضب) ٿيو جو ديارِ محبوب جي ڏهي کي خراب چوڻ وارا! مَحَبَّت واري نگاھ سان ڏس! محبوب جي گهٽي جي هر هر