Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين جي سيرت ۽ اُنهن جو ڪردار اسان لاءِ پيروي لائق آهي۔ جيئن

مان مدينو پاڪ ڇڏي نه ويندس

خليفو هارونُ الرَّشيد حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان پڇيائين: ڇا اوهان جو ڪو گھر آهي؟ فرمايائون: ”نه “ ته ان سندن خدمت ۾ ٽي هزار (Three Thousand) دينار پيش ڪندي چيائين ته ”هن مان گھر خريد ڪيو!“ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه دينار کڻي رکي ورتائون ۽ انهن کي خرچ نه ڪيائون۔ جڏهن خليفو هارونُ الرَّشيد مديني شريف مان وڃڻ لڳو ته انهن امام مالڪ جي خدمت ۾ عرض ڪيو: اوهان کي اسان سان گڏ هلڻو پوندو ڇوته مون ارادو ڪيو آهي ته ماڻهن کي (حديثِ پاڪ جي مشهور ڪتاب) ”مُوطَّا“ تي جمع ڪيان جهڙي نموني اميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عثمان بن عَفَّان رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْه ماڻهن کي هڪ قرآن تي گڏ ڪيو هو۔“ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: ماڻهن کي صرف”مُوَطَّا“ تي گڏ ڪرڻ جو ته ڪو جواز ناهي ڇوته الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وِصالِ ظاهري کان پوءِ صحابَه ڪرام رِضْوَانُ اللّٰه تَعَالٰى عَلَـيهمْ اَجْمَعِين مختلف شهرن ۾ هليا ويا آهن، اتي انهن حديثون بيان ڪيون آهن جنهن سبب هاڻي مصر جي هر شخص وٽ حديثن جو عِلم آهي ۽ مُصطَفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن به اِرشاد فرمايو ته ’’منهنجي اُمّت جو اِختلاف رحمت آهي۔“ (جامع الاصول فی احادیث الرسول لابن اثیر، الباب الرابع فی ذکر الائمۃ، الامام مالک، ج۱، ص۱۲۱) ۽ رهيو (مدينو ڇڏي) تون سان گڏ هلڻ ته ان جي به ڪا صورت ناهي ڇوته فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي ته”مدينو انهن جي لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن اهي سمجھن۔“ (مسلم، کتاب الحج، باب فضل المدینۃ، حدیث:۱۳۶۳، ص۷۱۰) هڪ روايت ۾ آهي: مدينو (گناهن جي) مر کي ائين دور ڪندو آهي جيئن بٺي لوھ جو زنگ پري ڪندي آهي۔“ (مسلم، کتاب الحج، باب المدینۃ تففی شرارھا،حدیث:۱۳۸۱، ص۷۱۶۔حلیۃ الاولیاء،مالک بن انس، ، حدیث:۸۹۴۲، ج۶، ص۳۶۱) پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خليفه هارونُ الرَّشيد کي فرمايائون:”هي رهيا توهان جا دينار چاهيو ته انهن کي وٺو ۽ چاهيو ته ڇڏي ڏيو۔“ يعني توهان مون کي ان ڪري مدينو پاڪ ڇڏڻ تي پابند