Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

باديون وٺندا ويندا آهن ۽ اهو ڪو ناجائز به ناهي البت اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي ڪلام ۾ اهڙو زائرينِ مدينه جو مدني ذهن بڻائيندي فرمائن ٿا:

ارے زائرِمدینہ!تُو خوشی سے ہنس رہا ہے                               دلِ غمزَدہ جو لاتا تو کچھ اَور بات ہوتی

بالآخر انهيء مديني جي خيال ۾ گم ٿي وڃڻ واري عالم ۾ سفرِ مدينه جو آغاز ٿيو، جيئن جيئن منزل ويجهو ايندي رهي، اميراهلسنت جي عشق جي شدت به وڌندي رهي. ان پاڪ سرزمين تي پهچندي ئي پنهنجا جوتا لاهي ڇڏيا. الله! الله! مزاجِ عشق رسول سان ايتري قدر جان پهچان رکندڙ جو خود ئي ڪلام ۾ فرمائن ٿا: 

پاؤں میں جُوتا ارے! محبوب کا کُوچہ ہے یہ                            ہوش کر تُو ہوش کر غافل! مدینہ آگیا

اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ان پاڪ سرزمين جي ادبن جو ايتري قدر خيال رکندا هئا جو (1406) هه جي سفرِ حج ۾ سندن جي طبيعت ناساز هئي. سخت نزلو ٿي ويو، نڪ مان پاڻي شدّت سان وهي رهيو هو. ان جي باوجود پاڻ ڪڏهن به مديني پاڪ جي سرزمين تي نڪ نه سڻڪيو بلڪ سندن جي هر ادا کان ادب جو ظهور ٿئي ٿو. جيستائين مدينه منوره ۾ رهيا حتي الامڪان گنبذ خضرا کي پٺي نه ڪئي. (تعارف امير اهلسنت، ص 32 کان 34) مطلب ته ان مبارڪ سفر ۾ ڄڻ پاڻ هن شعر جي عملي تصوير بڻيا رهيا:

مدینے کا سَفَر ہے اور میں نَمدیدہ نَمدیدہ                        جَبِیں اَفسُردہ اَفسُردہ بدن لَرزیدہ لَرزیدہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

”مجلسِ تراجم“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غمِ مدينه ۾ بيقرار رهڻ ۽ مديني جي يادن جو اَسير