Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

شريف اچڻ کان پهريان وڏن گنبذن واري هڪ نهايت ئي خوبصورت مسجد اچي ٿي ۽ اها مسجد ”مسجد غَمامه“ آهي۔ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سن 2 هجري ۾ پهريون دفعو عيدالفطر ۽ عيدالاضحيٰ جي نماز ان جاءِ تي کلي ميدان ۾ ادا فرمائي هئي۔ اتي ئي رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ برسات جي لاءِ دعا فرمائي ۽ دعا ڪندي ئي ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ برسات وسڻ شروع ٿي وئي۔ ڪڪرن کي عربيءَ ۾ غمامه چئبو آهي، انهيءَ نسبت سان ان کي هاڻي مسجد غمامه چوندا آهن۔ هتي کليل ميدان هو پهرين صدي جي مُجدِّد اميرالمؤمنين حضرت عمر بن عبدالعزيزرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ هتي مسجد تعمير ڪرائي هئي۔

اچو! هاڻ مزيد ڪجھ مُقَدَّس هنڌن جي باري ۾ ٻڌون ٿا، جيئن ته

(3) جنّت جي ڪياري(باغ)

      تاجدارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حُجري پاڪ (جتي پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مزارِ پُرانوار آهي) ۽ مِنبرِ اَقۡدَس (جتي پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ خطبو ارشاد فرمائيندا هئا) جي وچ وارو حصو جنهن جي طول (ڊيگھ) 22 ميٽر ۽ عرض (ويڪر) 15 ميٽر آهي، رَوضَةُ الجنّـة يعني ”جنت جو باغ“ آهي۔

      اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي؛ مَا بَیْنَ بَیْتِیْ وَ مِنبَرِیْ رَوْضَۃٌ مِّنْ رِّیَاضِ الْجَنَّۃِ يعني ”منهنجي گهر ۽ منبر جي وچ واري جڳهه جنّت جي باغن مان هڪ باغ آهي۔“ (بخاري ج 1 ص 402 حديث 1195) عام طور تي ماڻهو ان کي ”رِياضُ الجَنة“ چوندا آهن پر اصل لفظ ”رَوضَةُ الجَنّة“ آهي۔

یہ پیاری پیاری کیاری تِرے خانہ باغ کی                          سرد اِس کی آب و تاب سے آتَش سَقَر کی ہے

مزارِ سَيدُنا حمزھ

حضرت سيدنا حمزه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چاچا ۽ رضاعي ڀاءُ آهن، اعلانِ نبوّت جي ٻي سال مسلمان ٿيا ۽ 15 شوال المڪرم