Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

شيء عمده آهي۔ (بهارمثنوي ،۱۲۸ماخوذاً)

محفوظ سدا رکھنا شہا! بے ادَبوں سے

 

اور مجھ سے بھی سرزد نہ کبھی بے ادَبی ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مديني وڃڻ وارن جي قسمت جو تارو عُروج تي هوندو آهي، اُنهن جا نصيب چمڪي رهيا هوندا آهن، اهي سعادتن جي معراج کي پهچي ويندا آهن، انهن جي خوشي ڏسڻ واري هوندي آهي، اُنهن تي رحمتِ الٰهي جي ڇماڇم برسات ٿيندي آهي، ائين ڇو نه ٿئي جو روضي مبارڪ جي زيارت جو جام پيئڻ وارن خوش نصيبن کي ته نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي زبانِ حقِّ تَرجُمان سان شفاعت جو پروانو عطا فرمايو آهي، جيئن

شفاعت واجب ٿي ويندي آهي

رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ زَارَ قَبْرِي وَجَبَتْ لَه شَفَاعَتِي يعني جنهن منهنجي قَبر جي زيارت ڪئي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي وئي۔ (دار قطني،ڪتا ب الحج ، ۲/ ۳۵۱، حديث: ۲۶۶۹)

                                                سُبْحٰنَ الله عَزَّوَجَلَّ! ٿورو سوچيو ته سهي! اهو ڪيترو عظمتن ۽ برڪتن ڀريو مقام آهي جو جنهن جي زيارت ڪريون ته شفاعت جي خيرات ملي، اتي رهون ته برڪتون عطا ٿين ۽ جيڪڏهن اتي ساھ نڪري ته شفاعت جو واعدو آهي۔ امامِ عشق و مَحَبَّت،اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا:

 طیبہ میں مَر کے ٹھنڈے چلے جاؤ آنکھیں بند

سیدھی سڑک یہ شہرِ شفاعت نگر کی ہے

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! مدينو منوره اهو مقدس ترين مقام آهي جيڪو بيشمار خوبين سان مالامال آهي. اچو! حصولِ برڪت ۽ نزولِ رحمت جي لاءِ مديني شريف جي ڪجهه خاصيتن جي باري ۾ ٻڌون ٿا  ۽ پنهنجي دل ۾ هن پاڪ شهر جي عظمت وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا: جيئن