Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

ڪم فَجر نماز کان بعد ”مَدَني حَلقو“ به آهي۔ ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان مسجِد ۾ ويهڻ جو ثَواب حاصِل ٿيندو آهي، ٭ بعدِ فجر مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان تِلاوتِ قُرآن ڪرڻ ٻڌڻ جو شَرَف حاصِل ٿيندو آهي،٭ بعدِ فجر مَدَني حلقو قُرآنِ ڪريم جو ترجمو ۽ تفسير سان سمجھڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي، ٭ بعدِ فجر مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان مَدَني اِنعامات تي عمل ٿي ويندو آهي، ٭ بعدِ فجر مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان اِشراق و چاشت جا نفل پڙھڻ جو موقعو ملندو آهي، ٭ بعدِ فجر مَدَني حلقي ۾ بُزرگانِ دينرَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين جي ذِڪرِ خَير تي مُشتَمِل شَجَرو شريف پڙھڻ ٻڌڻ جو شَرَف حاصِل ٿيندو آهي ۽ بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين جو تَذڪرو ڪرڻ باعثِ رَحمت آهي، جيئن حضرت سَيدُنا سُفْيان بن عُيينَه رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: عِنْدَ ذِکرِ الصَّالِحِينَ تَنَزَّلُ الرَّحمَة يعني نيڪ ماڻهن جي ذِڪر جي وقت رحمت نازل ٿيندي آهي۔ (حِلْية الْاَوْلِياء، ۷ / ۳۳۵، رقم:۱۰۷۵۰) اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  بُزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين جي ذڪرِ خَير تي مُشْتَمِل هن مُبارَڪ شَجَري جي بَرَڪت سان ڪيئي عاشِقانِ رسول جا رُڪيل ڪم بڻجي ويندا آهن۔ اچو! تَرغِيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

ويزائون ملي ويون

هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14سال کان بيرونِ ملڪ ۾ مُقِيم ۽ 6سال کان دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول کان وابسته آهن۔ جتي انهن جو پنهنجو ڪاروبار (Business) آهي۔ انهن کي هڪ ڀيري پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي ضَرورت پئي۔ انهن ويزن جي لاءِ بار بار درخواستون جمع ڪرايون پر ڪافي ڪوشِشن جي باوُجود ويزائون نه ملي سگھيون۔ ڪيئي سال ائين گذري ويا، اهي گھڻو پريشان هئا ڇاڪاڻ ته مُلازم نه هئڻ جي ڪري انهن کي نقصان کڻڻو پئي پيو۔ خير اُنهن همَّت ڪري هڪ دفعو ٻيهر درخواست جمع