Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کاڌو کارايو

      حضرت سيدنا امام يوسف بن اسماعيل نبهانيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نقل ڪن ٿا ته حضرت سيدنا شيخ ابوالعباس احمد بن نفيس تُونِسي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته مان هڪ دفعي مديني پاڪ ۾ سخت بک جي حالت ۾ سرڪار عالي وقار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي مزارِ پُرانوار تي حاضر ٿي عرض ڪيو؛ يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مان بکايل آهيان، اوچتو مون کي ننڊ اچي وئي۔ ٿوري دير کان پوءِ ڪنهن اچي جاڳايو ۽ مون کي گڏ هلڻ جي دعوت ڏني، ته پوءِ مان ان سان گڏ ان جي گهر آيس، ميزبان کارڪون، گيهه ۽ ڪڻڪ جون مانيون پيش ڪري چيائين ته پيٽ ڀري کائو! ڇو ته مون کي منهنجي جد امجد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اوهان جي ميزباني جو حڪم ڏنو آهي. آئنده ڪڏهن به بک محسوس ٿئي ته اسان وٽ تشريف کڻي ايندا ڪيو۔ (حُجَّۃُ الله عَلَي الْعٰلَمِين ص۵۷۳)

مانگیں  گے مانگے جائیں  گے مُنہ مانگی پائیں  گے

سرکار میں  نہ ’’لاَ ‘‘ہے نہ حاجت ’’اگر ‘‘کی ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اي زائر  روضه انور! بخشش حاصل ڪري موٽو!

          حضرت سيدنا حاتِم اَصَم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه رحمتِ عالم، نور مُجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روضي مبارڪ وٽ بيهي دعا ڪئي؛ يا الله مون تنهنجي حبيب ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قبر اطهر جي زيارت ڪئي، هاڻي تون مون کي نامراد نه موٽاءِ۔ آواز آيو؛ اي ٻانها! اسان توکي پنهنجي محبوب جي مزار شريف جي زيارت جي اجازت ئي تڏهن ڏني، جڏهن توکي پاڪ ڪرڻ قبول ڪيو، هاڻي تون ۽ توسان گڏ زيارت ڪرڻ وارا بخشش حاصل ڪري موٽي وڃو، بيشڪ الله پاڪ توکان ۽ انهن کان راضي ٿي ويو جنهن پياري نبي