Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

البقيع ۾ دفن ٿيڻ تمام وڏي سعادت مندي جي ڳالھ آهي، جيئن ته

مديني ۾ مرڻ جي فضيلت

نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشادفرمايو: مَنِِ اسْتَطَاعَ اَنْ يَّمُوتَ بِالْمَدِينَةِ فَلْيَمُتْ بِهَا يعني جنهن کان ٿي سگهي ته اهو مديني ۾ مري ته مديني ۾ ئي مري، فَاِنِّي اَشْفَعُ لِمَنْ يَمُوْتُ بِهَا ڇو ته مان مديني ۾ مرڻ وارن جي شفاعت ڪندس۔ (ترمذي ،ڪتاب المناقب،باب في فضل المدينۃ،۵/۴۸۳، حديث: ۳۹۴۳)

هڪ ٻي جاءِ تي فرمايائون؛ (قِيامت ۾ جڏهن سڀني کي قَبرن مان اُٿاريو ويندو) سڀ کان پهريان منهنجي پوءِ ابُو بَڪر ۽ عُمَر (رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْهمَا) جون قَبرون کلنديون، پوءِ مان جنّتُ البقيع وارن وٽ ويندس، ته اهي مون سان گڏ جمع ٿيندا، پوءِ مان مڪي وارن جو اِنتظار ڪندس ايستائين جو حَرَمَينِ شَرِيفَين جي وچ ۾ انهن کي به پاڻ سان گڏ ڪندس۔ (ترمذي،ابواب المناقب،باب(م:تابع۱۷،ت:۵۶)…الخ،۵/۳۸۸، حديث: ۳۷۱۲)

عاشقِ مدينه،اميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه  مديني شريف ۾ مرڻ ۽ بقيع پاڪ ۾ دفن ٿيڻ جي جذبات جو اِظهار ڪندي پنهنجي نعتيه ديوان ”وسائلِ بخشش “ ۾ لکن ٿا ته

میں ہوں سُنّی رہوں سُنّی مروں سُنّی مدینے میں

بقیعِ پاک میں بن جا ئے تُربت یارسولَ اللہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”بعدِ فجرمَدَني حلقو“

اي عاشقانِ رسول! مديني جي يادين ۾ گم رهڻ، پنهنجي دل کي مَحَبَّتِ مدينه سان شاد و آباد رکڻ ۽ مديني جي عشقِ ۾ مچلجڻ جو سليقو سکڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ شموليت اِختيار ڪريو۔ 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني