Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

   امامِ اهلسنت، پروانه شمعِ رسالت مولانا شاهه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن ايمان افروز واقعي ۽ غلامانِ مصطفٰي جي بارگاههِ رسالت ۾ شفاعت جي

 خيرات گهرڻ جي لاءِ حاضري کي قرآني آيت جي روشني ۾ ڪيتري پياري انداز ۾ بيان ڪري رهيا آهن:

مجرم بُلائے آئے ہیں جَاءُوْکَ ہے گواہ     پھر رد ہو کب یہ شان کریموں کے در کی ہے

منگتا کا ہاتھ اٹھتے ہی داتا کی دین تھی                                                                   دُوری قبول و عرض میں بس ہاتھ بھر کی ہے

اُف بے حیائیاں کہ یہ منھ اور ترے                              حضور           ہاں تو کریم ہے تِری خُو  در گزر کی ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ”جيڪو روئيندو آهي ان جو ڪم ٿيندو آهي“ جي ظاهر حقيقت بَيان ڪيل حڪايت مان اسان جي اڳيان واضِح ٿي وئي ته ان اَعرابي )ڳوٺاڻي) جو گريه و زاري ڪرڻ، ان جو روئڻ، آقا ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي درٻار ۾ تڙپڻ، نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پُڪارڻ، حُضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ اَقدس ۾ لڙڪ وهائڻ ڪم اچي ويا ۽ غلامن جي حال کان خبردار آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي بخشش جي خوشخبري عطا ڪئي۔ معلوم ٿيو ته بارگاھ مُصطَفٰي مان اڄ به مَغفِرَت جا پروانا تقسيم ٿيندا آهن، اڄ به گناهگارن کي دامنِ رحمت ۾ لڪايو ويندو آهي، اڄ به بي سهارن جي بگڙي بڻجندي آهي، اڄ به غم جي مارن جي غمخواري ڪئي ويندي آهي ۽ اڄ به خالي جھوليون ڀريون وينديون آهن۔ دنيا ۾ اڄ ڪيئي اهڙا ماڻهو موجود هوندا جن وٽ بي انتها مال و دولت آهي، جن سڄي دنيا جي سير به ڪئي هوندي پر آه! عاشقانِ رسول جي مرڪزِ عقيدت ”مدينه منوره“ ۽ ان جي حسَين و دِلڪش مقامات جي زيارت کان مَحروم هوندا، جڏهن ته ٻي پاسي اهي عاشقانِ رسول به هوندا جن وٽ مديني شريف وڃڻ جي لاءِ نه ته مال هو ۽ نه ئي وڃڻ جا اسباب پر زيارتِ مدينه جي لاءِ اُنهن جو روئڻ انهن جي سچي تڙپ، مسلسل دعائون ۽ مُخلِصَانه ڪوششن رنگ لاتو، اَسباب ٿيندا ويا ۽ نيٺ انهن کي