Book Name:Madinay Ki Khasoosiyat

جڏهن شام ڏسندا آهن ته اهي (آسمانن ڏانهن) چڙهي ويندا آهن ۽ انهن وانگر ٻيا (ملائڪ) لهندا آهن، اهي به انهيء طرح ڪندا آهن، ايستائين جو جڏهن زمين کلندي ته حضورِ انور صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ستر هزار ملائڪن (جي جهرمٽ) ۾ نڪرندا جيڪي حضور صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ کي پهچائيندا.

(مشڪاة، ڪتاب احوال القيامت ۽ بدء الخلق، باب الڪرامات، 2/401، حديث، 5955)

 

بيان ڪيل حديث پاڪ جي تحت حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: خيال رهي ته هميشه سڀئي ملائڪ ئي حضور صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ تي درود موڪليندا آهن پر هي ستر هزار ملائڪ اهي آهن جن کي پوري عمر ۾ هڪ ڀيرو درٻار جي حاضري جي اجازت هوندي آهي. هي حضرات حضوراڪرم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ حاضري ڏيندا آهن. جيڪو ملائڪ هڪ ڀيرو حاضري ڏئي ويندو آهي ان کي ٻيهر حاضري جو شرف ناهي ملندو سڄي عمر ۾ صرف ڪجهه ڪلاڪ يعني اڌ ڏينهن جي حاضري نصيب ٿيندي آهي. (حديثِ پاڪ جي هن حصي” ايستائين جو جڏهن زمين کلندي ته حضور ستر هزار ملائڪن سان نڪرندا جيڪي حضور کي پهچائيندا.“ جي وضاحت ۾ لکن ٿا:) يعني قيامت جي ان ڏينهن جي ڊيوٽي وارا ملائڪ حضور کي پنهنجي جهرمٽ ۾ وٺي ربّ تعالٰي تائين پهچائيندا گهوٽ وانگر.    (مرآة المناجيح، 8/282 کان 283 )

 

امامِ عشق و محبت اعلٰي حضرت مولانا شاه احمد رضا خان رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ حدائق بخشش ۾ انهيء ڳالهه جي طرف اشارو ڪندي ڇا خوب ارشاد فرمائن ٿا:

ستّر ہزار صُبْح ہیں سَتّر ہزار شام

یُوں بندَگیِ زُلف و رُخ آٹھوں پہر کی ہے

مختصر وضاحت: يعني صبح ۽ شام مسلسل ستر، ستر هزار ملائڪ پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي حسين زلفن ۽ روشن چهري جي اٺ ئي پهر تعريف ۽ توصيف جي لاءِ پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي مزارِ پر انوار تي حاضري ڏيندا آهن.