Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

۽ زبان وارن کي ڪمتر سمجھڻ لڳي ٿو، جنهن سبب اسلامي ڀائيچارو ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ پاڻ ۾ نفرتون ۽ دشمنيون وڌي رهيون آهن۔ ڪڏهن اهي دُشمنيون لڙائي جھيڙن، مارڪٽ کان وڌي ڪري قتل و غارت گري تائين پهچي وينديون آهن جڏهن ته اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو:

اي انسانو! توهان جو رَبّ هڪ آهي ۽ توهان جا والد هڪ آهن، ٻڌي وٺو! ڪنهن عربي کي عجمي تي، ڪنهن عجمي کي عربي تي، ڪنهن گوري کي ڪاري تي ۽ ڪنهن ڪاري کي گوري تي ڪا فضيلت حاصل نه آهي، البت جيڪو پرهيزگار آهي اهو ٻين کان افضل آهي، بيشڪ اللہ  پاڪ جي بارگاھ ۾ توهان مان وڌيڪ عزّت وارو اهو آهي جيڪو توهان ۾ وڌيڪ پرهيزگار آهي۔

(شعب الايمان ،باب في حفظ اللسان، فصل في حفظ اللسان عن الفخربالاباء ، ۴/۲۸۹، حديث: ۵۱۳۷ (

بنادے مجھ کو الٰہی خلوص کا پیکر      قریب آئے نہ میرے کبھی رِیا یاربّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت،امام اهلسُنَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جوهڪ ڪارنامو اهو به آهي جو پاڻ امت جي آساني ۽ خير خواهي جي جذبي جي تحت علم جي نشر و اشاعت جي لاءِ نهايت بهترين ۽ زبردست ترجمهء قرآن”ڪنزالايمان“ جو املا ڪرايو، جنهن کي علماء ڪرام رَحْمَۃُ اللّٰہ ِتَعَالٰی عَلَیْہم اَجْمَعِیْن بلڪل شريعت جي موافق سمجهو. اچو اعليٰ حضرت، امام اهلسُنَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي انهيءَ ترجمهء قرآن”ڪنزالايمان“ جون ڪجهه خاصيتون ٻڌون ٿا، جيئن ته

ترجمهء قرآن ڪنزالايمان جون خاصيتون

اعليٰ حضرت،امام اهلسُنَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پاڪ ۽ هند جا اهي عظيم ترين مُتَرجم (ترجمو ڪرڻ وارا) آهن جن قرآن ڪريم جو اهڙو ترجمو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ روحِ قرآن جي حقيقي جهلڪ موجود آهي، حيرت ۽ تعجب جي ڳالهه