Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

(3) امامِ اهلسنت تمام عوامِ اهل سنت جي لاءِ درد مند دل رکندا هئا، پاڻ اڪثر ڪري جنازن ۾ ويندا هئا ۽ ميت سان همدردي جو ائين اظهار ڪندا هئا ته جنازي دوران ۽ جنازي کان بعد ميت جي لاءِ ڪثرت سان دُعا ڪندا هئا۔ پاڻ جنهن خوش قسمت جي جنازي نماز پڙھائيندا هئا ته حاضرين کي ائين معلوم ٿيندو هو ته پاڻ پنهنجي پرزورشفاعت سان ان جي مغفرت ڪرائي رهيا آهن۔

(حيات ِ اعليٰ حضرت ،552)

ماءُ پيءُ، استاد ۽ تمام مسلمانن جي لاءِ دُعا جي اهميت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت تي هلندي دعا جي هن ادب جو لحاظ رکندي نه صرف پنهنجي لاءِ بلڪ پنهنجي ماءُ پيءُ، استادن، رشتيدارن ۽ سڀني مسلمانن جي لاءِ به دعا ڪرڻ گھرجي۔ حضرت سَيدُنا ابُو الشيخ اصبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت سَيدُنا ثابت بُناني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان روايت ڪئي: اسان کي ٻڌايو ويو ته جيڪو شخص مسلمان مَردن ۽ عورتن جي لاءِ ڀلائي جي دعا ڪندو آهي، قيامت جو جڏهن انهن جي مجلسن وٽان گذرندو هڪ چوڻ وارو چوندو: هي اهو آهي جيڪو توهان لاءِ دُنيا ۾ دُعاءِ خير ڪندو هو پوءِ اهي ان جي شفاعت ڪندا ۽ بارگاھ اِلٰهي ۾ عرض ڪري ان کي جنت ۾ وٺي ويندا۔

قرآن ِڪريم ۾ مسلمانن جي لاءِ دُعا ڪرڻ جي باري ۾ اللہ  پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ اسْتَغْفِرْ لِذَنْۢبِكَ وَ لِلْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِؕ- (پ۲۶، محمد: ۱۹)

ترجموڪنزالايمان: ۽ اي محبوب پنهنجي خاصن ۽ عام مسلمان مردن ۽ عورتن جي گناهن جي معافي گهر.

حديث ۾ آهي: نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ شخص کي اَللّٰھُمَّ اغْفِرْلِيْ (يعني اي اللہ ! منهنجي مغفرت فرما) چوندي ٻڌو، فرمايائون: جيڪڏهن سڀني مسلمانن کي دعا ۾ شامل ڪرين ها ته تنهنجي دُعا مقبول ٿئي ها۔