Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اعلٰي حضرت ۽ ڀائيچارو(ڀائيبندي)!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! 10 شوال المڪرم يومِ ولادتِ احمد رضا آهي ۽ اسان جي آقا اعليٰ حضرت، امام ِاهلسنّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ذاتِ مبارڪه کي سمورن وصفن مثال طور عبادت، رياضت، تقويٰ، پرهيزگاري، عشقِ رسول، اخلاق وڪردار ۽ ٻين چڱين وصفن ۾ ڪمال حاصل هو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ اسان برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ حضرت
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اعليٰ ڪردار جون ڪجھ جھلڪيون ۽ اِيمان افروز واقعا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، اچو! پهريان هڪ نصيحت آموز واقعو ٻڌو۔