Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

آهي.(مستدرڪ، ڪتاب الايمان، 1/238 حديث 218) توهان مان جيڪڏهن ڪنهن جو منهنجي آقا اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان اختلاف جو معمولي به ذهن بڻجڻ شروع ٿي

 وڃي ته سمجهي وڃو، معاذاللہ  عزوجل توهان جي بربادي جا ڏينهن شروع ٿي ويا، تنهنڪري هڪدم هوشيار ٿي وڃو ۽ اختلاف جي خيال کي غلط حرف وانگر دماغ مان مٽائي ڇڏيو، فتاوي رضويه شريف ۾ اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان ڪيل ڪو مسئلو جيتوڻيڪ توهان جو ذهن قبول نه ڪري تڏهن به ان جي باري ۾ عقل جا گهوڙا نه ڊوڙايو بلڪ نه سمجهڻ کي پنهنجي عقل جي ئي گهٽتائي سمجهو.    

مسلک کا تُو اِمام ہے اِلیاس قادری     تدبیر تیری تام ہے الیاس قادری

فکرِ رضا کو کردیا عالَم پہ آشکار    یہ تیرا اُونچا کام ہے الیاس قادری

سَر مستیِ رضا کی ہر عالَم میں دھوم ہے    ساقیِ دورِ جام ہے الیاس قادری

سایہ ہے تِرے سر پہ دُعائے خواص کا   تُو مَرجعِ عوام ہے الیاس قادری

اعليٰ حضرت ۽ خود داري!

حضرت مولانا سيد ايوب علي صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان آهي ته هڪ شخص تازي ”بدايوني لڏوئن جي ٽوڪري (اعليٰ حضرت جي بارگاھ ۾) پيش ڪئي۔ پاڻ ان کي فرمايو: ”ڪيئن تڪليف ڪئي؟“ انهن چيو ته سلام ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيو آهيان۔ اعليٰ حضرت سلام جو جواب ڏئي، ٿوري دير خاموش رهيا، وري پڇيائون: ”ڇا ڪو ڪم آهي؟“ انهن عرض ڪيو: ”ڪو ڪم ناهي حضور! صرف مزاج پرسي لاءِ آيو آهيان۔“ ارشاد فرمايائون: ”عنايت ۽ نوازش“ ۽ ڪجهه وقت چپ رهڻ کان پوءِ هنن لفظن سان مخاطب کي فرمايائون؛ ”ڪو ڪم آهي؟“ انهن وري انڪار ڪيو۔ ان کان پوءِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اها مٺائي گھر موڪلي ڇڏي۔

          هاڻي ان شخص ٿوري دير کان پوءِ هڪ تعويذ جي درخواست ڪئي، ارشاد فرمايائون: ”مون ته اوهان کان ٽي ڀيرا پڇيو هو، پر اوهان ڪجھ به نه ٻڌايو،