Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

چڱو اوهان تشريف رکو۔“ پنهنجي ڀاڻيجي علي احمد خان صاحب(جيڪو تعويذ

 ڏيندو هو) ان کان تعويذ گھرائي ان شخص کي عطا ڪيائون ۽ حاجي ڪفايت اللہ  اعليٰ حضرت جو اشارو ملندي ئي گھران اها مٺائي واري ٽوڪري گھرائي، اڳيان رکيائون هنن لفظن سان اها مٺائي موٽائي ڏنائون: ”هن ٽوڪري کي به کنيو وڃو، مون وٽ تعويذ وڪرو ناهي ٿيندو۔“ ان گھڻي معذرت ڪئي، پر پاڻ قبول نه ڪيائون، نيٺ اهو ويچارو پنهنجي مٺائي واپس کڻي هليو ويو۔

(حيات اعلي حضرت ، ۹۲)

 سُنّتوں کو جِلادیا جس نے        دِین کا ڈنکا بجا دیا جس نے

وہ مجدّد ہے  دِین و  ملّت کا        واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

جو ہے اللہ کا ولی بے شک       عاشقِ صادقِ نبی بے شک 

غوثِ اعظم کا جو ہے مَتوالا       واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

مجلس مڪتوبات و تعويذاتِ عطاريه

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان معلوم ٿيو ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه صرف رِضاءِ الٰهي جي لاءِ دِيني ڪمن ۾ مخلوقِ خدا جي مدد ڪندا هئا ۽ هن ڪم جي بدلي ڪنهن به قسم جو نذرانو وٺڻ پسند نه ڪندا هئا۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي به اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت تي عمل ڪندي خير خواهي امت جي لاءِ ڪم و بيش104 شعبن ۾ خدمت سر انجام ڏئي رهي آهي۔ هنن شعبن مان هڪ شعبو ”مجلس مڪتوبات و تعويذاتِ عطاريه به آهي۔ هن مجلس تحت ڏکايل مسلمانن جي غم خواري جي لاءِ تعويذات ۽ ورد وظيفن جي ذَرِيعي بيمارين ۽ پريشانين جو في سَبِيلِ اللّٰه رُوحاني عِلاج ڪيو ويندو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مسلمانن کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪم وبيش 750 کان وڌيڪ ۽ پاڪستان کان ٻاهر 230 کان وڌيڪ هنڌن تي تعويذاتِ عطاريه جي بستن تان ماهوار ڪم وبيش (335,000) مريض ۽ انهن جا نُمائندا فيضياب ٿيندا آهن جنهن کي تقريباً 6 لک تعويذات ۽ اَوْرادِ