Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

تمام اردو ترجمن ۾ سڀ کان بهترين اردو ترجمو”ترجمهء ڪنزالايمان“ آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي مصروف زندگي مان ڪجهه وقت

 ڪڍي قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ جو معمول بڻايون. شيخِ طريقت، اميراهلسنت، بانيِ دعوت اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ترجمي ۽ تفسير سان گڏ روزانو تلاوتِ قرآن ڪرڻ جي لاءِ، اسلامي ڀائرن جي مدني انعامات نمبر 21 ۾ فرمائن ٿا: ڇا اڄ اوهان ڪنزالايمان مان گهٽ مان گهٽ 3 آيتون (ترجمي ۽ تفسير سان گڏ) تلاوت ڪرڻ يا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي.

   جيڪڏهن اسان هن مدني انعامات تي روزانو عمل ڪريون ته قرآنِ ڪريم جي برڪت سان اسان جي گهرن ۾ خير ۽ برڪت جو نزول ٿيندو رهندو، ترجمي ۽ تفسير سان گڏ پڙهڻ جي برڪت سان علم دين ۾ اضافو ٿيندو قرآن ڪريم کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي، معلومات جو خزانو حاصل ٿيندو. مڪتبة المدينه کان جاري ٿيڻ واري عظيم الشّان تفسير بنام”صراط الجنان“ جو به مطالعو ڪريو،  هن تفسير ۾ به نهايت سٺي انداز سان معلومات جو خزانو امتِ مسلمه تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اعلي حضرت ۽ ايثارِ مسلمين

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت،امام اهلسُنَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اعليٰ ڪردار جو هڪ دليل اهو به آهي ته پاڻ پنهنجي محبوب ۽ پسنديده شين کي ٻين تي اِيثار ڪندا هئا، اچو! هن باري ۾ ٻه (2) واقعا ٻڌو۔

منهنجي خوشي انهيءَ ۾ آهي:

هڪ شخص گھڻي خوبصورت سَوَڙ (رضائي) پارسل جي ذريعي سندن بارگاھ ۾ موڪلي، مولوي امجد رضا صاحب جو بيان آهي ”جنهن وقت اهو پارسل بريلي پهتو ان وقت مان به خدمت ۾ حاضر هئس، سِيل ۽ مهر جدا ڪرڻ کان پوءِ پارسل کوليو ويو ۽ سوڙ (رضائي) نڪتي، اعليٰ حضرت ان