Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

گُناہوں کے کھلے دفتر کھڑا ہوں آہ!مِیزاں پر                        نہیں ہیں نیکیاں اب کیا کروں گا یا رَسُوْلَ اللہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 اعلٰي حضرت ۽ شفقت ۽ خير خواهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت، امامِ اهلسُنَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرتِ مبارڪه جو هڪ پهلو هي به آهي ته پاڻ دُعا گھرڻ وقت پنهنجي عزيزن، مائٽن، دوستن، مُريدن ۽ ٻين مسلمانن جي لاءِ دعا جو خُصوصي اهتمام ڪندا هئا، اچو! ان جا ڪجھ مثال ملاحظه ڪريو، جيئن

دُعا جي لاءِ فهرست ٺاهي

(1) پاڻ پنهنجن عزيزن، مائٽن، اصحاب واحباب ۽ خاص خاص مُريدن جي نالن جي هڪ وڏي فهرست ٺاهي هئي۔ فجر نماز کان پوءِ پنهنجي ورد وظيفن جي آخر ۾ اُنهن سڀني جي لاءِ نالو وٺي دُعا ڪندا هئا۔ ماڻهو هن ڳالھ جي تمنا (Wish) رکندا هئا ته انهن جو نالو به هن فهرست ۾ شامل ٿي وڃي۔

کہتے رہتے ہیں دعا کے واسطے بندے ترے   کردے پُوری آرزو ہر بیکس و مجبور کی

سڀني جي لاءِ دُعا ڪيان ٿو  

          (2) حضرت سيد ايوب علي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان گھڻو پريشان هئس، دُعا جو طالب ٿيس ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه دُعا ڪئي ۽ گڏوگڏ مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ سيد قناعت علي کي ارشاد فرمايائون: توهان ٻنهي جو نالو به مون دُعا جي فهرست ۾ شامل ڪري ورتو آهي جيڪا آهسته آهسته گھڻي ڊگھي ٿي وئي آهي اهي سمورا نالا مون کي حفظ آهن، روزانو نالو وٺي سڀني جي لاءِ دُعا ڪندو آهيان۔ (فيضان اعلي حضرت ، ۱۸۰)

جنازي ۾ ڪثرت سان دُعا گھرندا هئا