Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

وڃي۔ اچو! اسان سڀئي گڏجي هن نيڪ ڪم ۾ دعوتِ اسلامي سان تَعاوُن ڪريون، پاڻ به باجَماعت نماز جي پابندي ڪريون ۽ ٻين کي نَمازي بڻائڻ جي مُهم به تيز کان تيز تَر ڪري ڇڏيون، جڏهن به باجماعت نماز جي لاءِ مسجِد ڏانهن وڃڻ لڳون، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي عطا ڪيل 72 مدني انعامات مان مدني انعام نمبر 2 تي عمل جي نيت سان ٻين کي باجماعت نماز جي ترغيب ڏياري گڏ وٺي وڃون۔ جيڪڏهن اسان جي ذريعي هڪ ماڻهو به نمازي بڻجي ويو ته جيستائين اهو نمازون پڙھندو رهندو ان جي هر هر نماز جو اسان کي به ثواب ملندو رهندو، نه ته گھٽ مان گھٽ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ثواب ته ضرور ملندو۔

نَمازوں میں مجھے ہرگز نہ ہو سُستی کبھی آقا

پڑھوں پانچوں نَمازیں باجماعت یَارَسُوْلَ اللّٰہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اعلٰي حضرت ۽ دعوت اسلامي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دعوت اسلامي، علم دين کي ڦيلائڻ ۽ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ اعلٰي حضرت، امام اهلسنت مجددِ دين و ملت مولانا شاهه احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بيان ڪيل 10 روشن اصولن تي عمل ڪري رهي آهي. اچو! اهي 10 اصول ۽ انهن جي روشني ۾ دعوت اسلامي جون مختصر ديني خدمتون ملاحظه ڪيو، جيئن ته اعلٰي حضرت امام احمد رضا خانرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا:

(1)    عظيم الشان مدرسا کوليا وڃن جن ۾ تعليم جو باقاعده سلسلو هجي.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مقصد جي تحت دعوت اسلامي ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ۾