Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

گُناھ ۾ مبُتلا ٿي سگھي ٿو ۽ اها دل آزاري، حسد، ڪيني، بُغض ۽ دُشمني جهڙن ڪئي گُناهن تي اُڀاري سگھي ٿي۔ هنن گُناهن ۾ پوڻ سبب غيبتن، چغلين، تهمتن، بدگمانين ۽ ڪيئي ڪبيره گُناهن جو دروازو کلي ويندو آهي، جن جا حق تَلَف ڪيا آهن انهن کي راضي ڪرڻ جي لاءِ بروزِ قيامت پنهنجون نيڪيون به ڏيڻيون پونديون ۽ نيڪيون نه هئڻ جي صورت ۾ انهن ماڻهن جي گناهن جو بار کڻڻو پوندو ۽ ائين جنَّت کان محروم ٿي عبرتناڪ اَنجام کي منهن ڏيڻو پوندو.جيئن

حقيقي مفلس ڪير؟

تاجدارِ رِسالت، شهنشاھ نَبوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام
عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي فرمايو ته ڇا توهان کي خبر آهي ته مفلس ڪير آهي؟ صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو؛ يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جنهن شخص وٽ درهم ۽ ٻئي قسم جومال نه هجي اهو مفلس آهي۔ نبيِ ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: ”منهنجي اُمت ۾ سڀ کان وڏو مفلس اهو آهي جيڪو قيامت جي ڏينهن نماز، روزا ۽ زڪوٰة جهڙيون نيڪيون کڻي ميدان حشر ۾ ايندو پر ان جو حال هي هوندو ته ان دنيا ۾ ڪنهن کي گار ڏني هوندي، ڪنهن تي تهمت لڳائي هوندي، ڪنهن جو مال ناحق کاڌو هوندو، ڪنهن جو رت وهايو هوندو،ڪنهن کي ماريو هوندو، ته اهي سڀ حق وارا پنهنجا پنهنجا حق طلب ڪندا ته اللہ  پاڪ ان جي نيڪين مان حق وارن کي انهن جي حق جي برابر نيڪيون ڏياريندو۔ جيڪڏهن ان جي نيڪين مان تمام حق ادا نه ٿي سگھيا بلڪ نيڪيون ختم ٿي ويون ۽ حق باقي رهجي ويا ته اللہ  پاڪ حڪم ڪندو ته تمام حق وارن جا گناھ ان جي مٿي تي لڏيو، تنهنڪري اهو سڀ حق وارن جي گناهن کي مٿي تي کڻندو پوءِ جهنم ۾ وڌو ويندو۔

(مسلم،ڪتاب البروالصلة والاداب،باب تحريم الظلم،ص ۱۰۶۹، حديث:۶۵۷۹)