Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي اڳوڻي زِندگي گُناهن ۾ گذري رهي هئي، پتنگ بازي جو به شوقين هو، ويڊيو گيمز ۽ بلور راند کيڏڻ وغيره ان جي مشغلن ۾ شامل هو۔ هر هڪ جي مُعامَلي ۾ ٽنگ اَڙائڻ، ماڻهن سان جھيڙو ڪرڻ، ڳالھ ڳالھ تي ڦڏو ڪرڻ جهڙين بُرائين ۾ گِرِفتار هو۔ خُوش قسمتي سان هڪ اسلامي ڀاءُ جي اِنفِرادي ڪوشِش تي هن رَمَضانُ المُبَارَڪ جي آخري عَشَري ۾ پنهنجي عَلائقي جي مسجد ۾ اعتڪاف ڪيو، جتي ان کي سٺا سٺا خواب نظر آيا ۽ گھڻو سُڪون مليو۔ ان کان پوءِ ان وڌيڪ 2 سال اعتڪاف جي سَعَادَت حاصِل ڪئي۔ هڪ ڀيري ان جي مسجِد جي مُؤَذِّن صاحِب اِنفِرادي ڪوشِش ڪري اُن کي عالَمي مَدَني مرڪز فَيضانِ مدينه (باب المدينه ڪراچي) ۾ هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتِماع ۾ وٺي آيو۔ هڪ مُبَلِّغِ دعوتِ اسلامي سُنّتن ڀريو بَيان ڪري رهيو هو، مُبَلِّغ جي چهري جي ڪشِش ۽ نُورانيت ان جي دل کٽي ورتي ۽ هو دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اُن هڪ مُٺ ڏاڙھي به سجائي ورتي آهي۔

اے بیمارِ عِصیاں تُو آجا یہاں پر    گُناہوں کی دیگا دَوا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ     گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

پِلا کر مَئے عشق دیگا بَنا یہ    تمہیں عاشِقِ مُصْطَفٰے مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اميرِ اهلسنّت جي مَحبتِ اعلٰي حضرت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شيخِ طريقت اميراهلسنت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو شمار اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سچي محبّين ۾ ٿئي ٿو جو جن کي اعلٰي حضرت جي شخصيت ۽ سندن علمي ڪارنامن ديوانو بڻايو. اهو ئي سبب آهي جو اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ امام اهلسنت، اعلٰي حضرت جي تعليمات جي مطابق دين متين