Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

تي ايثار ڪري بُک برداشت ڪرڻ جو بهترين مثال قائم ڪيو ۽ وري اللہ  پاڪ جي عطا سان ان ڪيڏي زبردست نصيحت ڪئي جـو ”هڪ گِرهه جو ايثار ته ڪُتن جـو ڪم آهي مرد کي گهرجي ته پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي.“

ہمیں بُھوکا رہنے کا اَوروں کی خاطر   عَطا کر دے جَذبہ عطا یا الٰہی

اِيثار جو ثواب مفت حاصل ڪرڻ جو نسخو

 اي ڪاش! اسان کي به ايثار جو جذبو نصيب ٿئي، جيڪڏهن خرچ ڪرڻ جي دل نه چاهي ته بنا خرچ جي ايثار جا ڪئي موقعا ملي سگھن ٿا، مثال طور ڪٿي دعوت تي پهتاسون، سڀني جي لاءِ کاڌو لڳايو ويو ته اسان سٺيون ٻوٽيون وغيره هن نيت سان نه کڻون جو اسان جو ٻيو ڀاءَ کائي وٺي، گرمي آهي ڪمري جي اندر يا سنتن جي تربيت جي مدني قافلي ۾ مسجد اندر وڌيڪ اسلامي ڀائر سمهڻ چاهن ٿا، پاڻ پکي هيٺ قبضو ڪرڻ بدران ڪنهن ٻي اسلامي ڀاءُ کي موقعو ڏئي ايثار جو ثواب ڪمائي سگھو ٿا، اهڙي طرح بس يا ريل ۾ رش جي صورت ۾ ٻي اسلامي ڀاءَ کي منٿ ڪري پنهنجي سيٽ تي ويهاري ۽ پاڻ بيهي ڪري ايثار جو ثواب ڪمائي سگهو ٿا، ڪار ۾ سفر جو موقعو ملڻ باوجود ٻي اسلامي ڀاءَ جي لاءِ قرباني ڏئي ان کي ڪار ۾ ويهاري ۽ پاڻ پيدل يا بس وغيره ۾ سفر ڪري ايثار جو ثواب ڪمائي سگهو ٿا، سنتن ڀريي اجتماع ۾ آرام واري جڳهه ملي ته ٻي اسلامي ڀاءَ لاءِ جڳهه ڪشادي ڪري يا ان کي اها جڳهه پيش ڪري ايثار جو ثواب ڪمائي سگھو ٿا، کاڌو گھٽ هجي ۽ کائڻ وارا وڌيڪ هجن ته پاڻ گھٽ کائي يا بلڪل نه کائي ۽ اهڙن بيشمار موقعن تي پنهنجي نفس کي ٿوري تڪيلف ڏئي مفت ۾ ايثار جو ثواب ڪمائي سگھجي۔

(مدينے کی مچھلي ،ص۲۷)

سَخاوت کی خَصْلت عنایت ہو یارَبّ

دے جذبہ بھی اِیثار کا یاالٰہی