Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ 12 مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف“ به آهي۔ موڪل واري ڏينهن شهر جي ڪمزور ۽ قريبي علائقن ڳوٺن ۾ وڃي اتي جي مسجدن کي آباد ڪرڻ سان گڏوگڏ مقامي عاشقان رسول کي نيڪي جي دعوت ڏئي علم دين سکڻ سيکارڻ جي ترڪيب ڪئي ويندي آهي. ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ يوْمِ تَعطِيل اِعتِـڪاف اسلامي ڀائرن کي سُنّتون، آداب ۽ مَدَني دَرس وغيره جو طريقو سيکارڻ جو بهترين ذريعو آهي. ٭ يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجِدون آباد ٿين ٿيون. ٭ يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجد ۾ گذرندڙ هر هر لَمحو عِبادَت ۾ شُمار ٿيندو. ٭ يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجِد سان مَحَبَّت ڪرڻ ۽ ان ۾ پنهنجو گھڻي کان گھڻو وَقت گُذارڻ جي فضيلت حاصل ٿيندي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ پنهنجو گھڻو وَقت مسجد ۾ گذارڻ جي به ڇا خوب فضيلت آهي

حضرت سَيدُنا ابُو سَعِيد خُدرِي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰي عَـنْه کان روايت آهي ته تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نُـبُوّت صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن توهان ڪنهن شخص ڪي ڏسو ته هو مسجد ۾ ڪثرت سان اچ وڃ رڪڻ وارو آهي ته ان جي اِيمان جي گواهي ڏيو ڇوته اللہ  عَزَّوَجَلَّ سيپاري 10، سُورَةالتَّوْبَه آيت نمبر 18 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّمَا یَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ وَ اَقَامَ الصَّلٰوةَ وَ اٰتَى الزَّكٰوةَ

(پ ۱۰ ،التوبه :۱۸)

 ترجموڪنز الايمان: اللہ  جُون مسجدُون ته فقط اُهي ئِي آباد ڪندا آهِن جيڪِي اللہ  ۽ قِيامَت تي اِيمان رکن ۽ نماز قائم ڪندا آهِن ۽ زڪوات ڏيندا آهِن

(ترمذي ، ڪتاب الايمان ، با ب ماجا ء في حرمۃ الصلوۃ ،۴/۲۸۰،رقم: ۲۶۲۶)

اچو! ترغيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا،

مان پتنگ بازي(لغڙ اڏائڻ) جو شوقين هئس!