Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar
کاڌي جي ڪا شيء طلب نه ڪندا هئا، پاڻ خاموش رهيا پر طبيعت ۾ ناگواري ضرور پيدا ٿي۔ مغرب کان ڪم و پيش ٻن ڪلاڪن کان پوءِ گھر جي ملازم هڪ ٻار پان آندائين، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان کي هڪ هلڪي چماٽ هڻي فرمايائون: ايتري دير سان ڇو کڻي آئين؟ پر پوءِ پاڻ کي خيال آيو ته هن ويچاري جو ته ڪو قصور نه هو، قصور ته دير سان موڪلڻ واري جو هو۔
ته پوءِ سحري کان بعد ان ٻار کي گھرايائون جيڪو شام جو پان دير سان کڻي آيو هو ۽ فرمايائون: شام جو مون غلطي ڪئي جو توکي چماٽ هنئي، دير ته موڪلڻ واري جو قصور هو، تنهنڪري تون منهنجي مٿي تي چماٽ هڻ ۽ ٽوپي لاهي اصرار ڪندا رهيا۔ ٻيا معتڪف اهو ٻڌي حيران ۽ پريشان ٿي ويا ۽ اهو ٻار به گھڻو پريشان ٿي ڏڪڻ لڳو۔ ان هٿ ٻڌي عرض ڪيو: حضور! مون کي معاف ڪيو۔ فرمايائون: تون نابالغ آهين توکي معاف ڪرڻ جو حق ناهي، تون چماٽ هڻ۔ پر هو هڻڻ جي همت نه ڪري سگھيو۔ پاڻ پنهنجو بڪس (Box) گھرائي مٺ ۾ پئسا ڪڍيا ۽ اهي پئسا ڏيکاري فرمايائون: مان توکي هي ڏيندس، تون چماٽ هڻ۔ پر اهو ويچارو اهو ئي چوندو رهيو، حضور! مون کي معاف ڪيو۔ آخرڪار اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان جو هٿ پڪڙي ڪيئي چماٽون پنهنجي مٿي مبارڪ تي ان جي هٿان هنيون ۽ پوءِ ان کي پئسا ڏئي موڪلي ڇڏيائون۔ (حيات ِاعليٰ حضرت، ۱/۱۰۷)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجن چاهيندڙن کي عملي طور تي اهو ٻڌايو ته چاهي ڪو ڪيتري ئي وڏي منصب (Post) تي فائز ڇو نه هجي، جيڪڏهن ان کان ڪنهن جي حق تلفي ٿي وڃي ته ان کان معافي گھرڻ ۾ هرگز شرم محسوس نه ڪرڻ گھرجي، ڇوته حقوقُ العباد جو معاملو نهايت نازڪ آهي۔ هن جي ڪري انسان ڪيئي گناهن ۾ مبتلا ٿي سگھي ٿو جيڪو ان جي لاءِ دنياوي ۽ اُخروي نقصانن جا سبب بڻجي سگھن ٿا، مثال طور حُقُوقُ العِباد اَدا نه ڪرڻ سان انسان ٻين جي دل آزاري جهڙي ڪبيره