Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

تڪبُّر کان اعلٰي حضرت جي ناپسنديدگي

خليفهء اعليٰ حضرت مولانا سيد ايّوب علي رضوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان آهي هڪ صاحب جنهن جو نالو مون کي ياد ناهي، اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، مجدد دين و ملت، حضرتِ علامه مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به ڪڏهن ڪڏهن انهن وٽ تشريف وٺي ويندا هئا۔ هڪ ڀيري حضور (اعليٰ حضرت) انهن وٽ تشريف فرما هئا ته انهن جي پاڙي جو ويچارو هڪ غريب مسلمان اچي ٽٽل پراڻي کٽ تي جيڪا اڱڻ جي هڪ پاسي تي رکيل هئي ڊڄندي ويٺو ئي هو جو ان صاحب ڪاوڙ ڀري نگاهن سان اُن ڏانهن نهارڻ شروع ڪيو ايستائين جو هو شرم کان ڪنڌ جهڪائي اُٿي هليو ويو۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي گهر جي مالڪ جي ان مغرورانه طور طريقي سبب سخت تڪليف پهتي، پر ڪجهه نه فرمايائون، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اُهي پاڻ (اعليٰ حضرت) وٽ آيا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن پنهنجي کٽ تي جڳهه ڏني، اُهي ويٺا ئي هئا ته ايتري ۾ ڪريم بخش حجام (Barber) حضور (اعليٰ حضرت) جي حجامت جي لاءِ آيا، اُهي ان فڪر ۾ هئا ته ڪِٿي ويهان؟ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايو: ”ڀاءُ ڪريم بخش! ڇو بيٺا آهيو؟ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن“ ۽ اُن صاحب جي برابر ۾ ويهڻ جو اشارو فرمايو، اُهي ويهي رهيا، پوءِ اُن صاحب جي غُصي جي اها ڪيفيت هئي جو جيئن نانگ شوڪارا هڻندو آهي، اُهو هڪدم اُٿي هليو ويو، وري ڪڏهن نه آيو.

(حیاتِ اعلیٰ حضرت،۱/۱۰۵ ملخصاً) 

 

تُو نے باطل کو مِٹا کر دِین کو بخشی جِلا

سُنَّتوں کو پھر جِلایا اے امام احمد رضا

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته! اعليٰ حضرت، امام اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه دِيني ڀائيچاري ۽ مسلمانن ۾ برابري جي فضا قائم رکڻ جي حوالي سان