Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

فتاوي نويسي جو  آغاز ”فتاوي رضويه“ جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان دين جون اهڙيون بي مثال علمي خدمتون سرانجام ڏنيون جو اڄ تائين پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نالي جي ڌوم مچل آهي. انهيءَ ڪارنامن مان هڪ بهترين ۽ زبردست علمي ڪارنامو فتاوي رضويه جون 30 جلدون آهن. جيڪي تقريبا ٻاويهه هزار(22000)، صفحن، ڇهه هزار اٺ سو ستيتاليهه (6847) سوالن جا جواب ۽ ٻه سو ڇهه (206) رسالن تي مشتمل آهن. جڏهن ته هزارين مسئله ضمنا زير بحث آيا آهن.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ فتاوي رضويه قرآن، حديث، اجماع ۽ فقهاءِ ڪرام جي جزئيات سان آراسته هر قسم جي مسئلن جو اهڙو حسين گلدستو آهي، جيڪو رهندي دنيا تائين ماڻهن جي قلب ۽ فڪر کي پنهنجي بهترين خوشبو سان مهڪائيندو ۽ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مزارِ پر انوار تي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بلند درجن ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب بڻجندو رهندو. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

فتاوي رضويه  جون خاصيتون

اچو! هاڻي اسان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي فقهي مقام کي سمجهڻ جي لاءِ مسائلِ فقه سان آراسته بي مثال فتون تي مشتمل مجموعو بنام” فتاوي رضويه“ جي خاصيتن مان ڪجهه خاصيتن جي باري ۾ ٻڌون ٿا، جيئن ته

     فتاوي رضويه ۾ علمِ حديث ۽ علمِ فقه جي ڪتابن جو ڀرپور علم موجود آهي٭ فتاوي رضويه ۾ نادر ۽ ناياب حوالن جو به جڳهه جڳهه تي ذڪر ڪيو ويو آهي٭ فتاوي رضويه ۾ قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ جديد مسئله به حل ڪيا ويا آهن٭فنِ رياضي ۽ علمِ توقيت سان گڏو گڏ علمِ ميراث جي متعلق به نادر ۽ ناياب تحقيق موجود آهي. ٻين مذاهبِ( فِقهيه) جي قانونن ۽ جزيات جو علم به شامل آهي٭ هر مسئلي ۾ قرآن ۽ سنت جي پيروي جو اهتمام