Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

عطاريه في سبيل اللہ  پيش ڪيا ويندا آهن۔ هن شعبي جي تحت ”استخاره مجلس“ به قائم آهي جنهن جي ذريعي روزانو سڄي دُنيا مان فون ذريعي ڪثير عاشقانِ رسول اِستخاره ڪرائي پنهنجي مسئلن جي حل ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا۔ ماهوار ڪم وبيش 55,000 (پنجونجاھ هزار) جي ويجھو اسلامي ڀائر هن اِستخاره سروس تي رابطو ڪن ٿا۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هفتي ۾ 2 ڏينهن مدني چينل تي رُوحاني علاج و استخاره نالي سلسلو براھ راست نشر ٿيندو آهي ان جي علاوه دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تي اي ميل استخاره سروس به موجود آهي۔ جنهن تي روزانو سوين ميلون اينديون آهن۔ اللہ  پاڪ ”مجلس مڪتوبات وتعويذاتِ عطاريه“ کي مزيد ترقي ۽ عروج عطا فرمائي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اعليٰ حضرت ۽ نمازِ باجماعت جي پابندي

    اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پير جو آڱوٺو پچي پيو، سندن خاص جراح (Surgeon) (جيڪو شهر ۾ سڀ کان هوشيار جراح هو ان) هن آڱوٺي جو آپريشن ڪيو، پٽي (Bandage) ٻڌڻ کان پوءِ ان عرض ڪيو: حضور جيڪڏهن حرڪت نه ڪندو ته اهو زخم ڏھ ٻارهن (10/12) ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندو نه ته وڌيڪ وقت لڳندو اهو هي چئي هليو ويو، اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگھيو ٿي ته مسجد جي حاضري ۽ جماعت جي پابندي ترڪ ڪئي وڃي۔ جڏهن ظهر جو وقت آٓيو ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وضو ڪيو بيهي نه سگھندا هئا ويهي ٻاهر دروازي تائين آيا ماڻهن ڪرسي تي ويهاري مسجد ۾ پهچايو ۽ ان وقت پاڙي وارن ۽ خاندان وارن اهو طئي ڪيو ته هر آذان کان پوءِ اسان سڀني مان چار مضبوط ماڻهو ڪرسي کڻي حاضر ٿي وينداسين ۽ پلنگ تان ئي ڪرسي تي ويهاري مسجد جي محراب جي ويجھو ويهارينداسين۔ اهو سلسلو ڪم وپيش هڪ مهيني تائين وڏي پابندي سان هلندو رهيو جڏهن زخم درست ٿي ويو ۽ پاڻ