Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

مطالعو ڪرڻ جا مدني گل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! مطالعو ڪرڻ جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان 2 فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: بيشڪ علم سکڻ سان اچي ٿو۔ (ڪنز العمال،۱۰/۱۰۴، حديث: ۲۹۲۵۲) (2) فرمايائون: دنيا ملعون آهي ۽ اللہ  پاڪ جا ذڪر، ان جا ولي يعني دوست ۽ ديني علم پڙھڻ ۽ پڙھائڻ واري جي علاوه ان جي هر شيءَ به ملعون آهي۔ (تِرمِذي، ڪتاب الزهد،۴/۱۴۴،حديث:۲۳۲۹) ٭ مطالعو ايمان جي مضبوطي ۽ پختگي جو سبب آهي۔ (مطالعه ڪيا،ڪيوں ۽ ڪيسے؟ص۱۶) ٭ مطالعي سان علم وڌي ٿو۔ (ايضاً ص۱۷) ٭ مطالعو معرفت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي۔ (ايضاً،ص۱۸) ٭ مطالعي سان ڪائنات ۾ غور و فڪر ڪرڻ جو ذهن بڻجندو آهي۔ (ايضاً،ص۱۸) ٭ مطالعي سان عقل ۽ شعور ۾ اضافو ٿيندو آهي۔ (ايضاً، ص۱۹) ٭ مطالعو انسان جي ديني ۽ دنياوي ٻنهي ترقين جو سبب ٿيندو آهي۔ (ايضاً،ص۱۹)  ٭مطالعو طبيعت ۾ نشاط، نگاهن ۾ تيزي ۽ ذهن ۽ دماغ کي تازگي عطا ڪندو آهي۔ (ايضاً، ص۱۹ملخصاً)  ٭اهڙن ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن کان هميشه پري رهو جيڪي ايمان جي لاءِ زهر قاتل، بي حيائي سان ڀريل ۽ اخلاق کان ڪريل هجن۔ (ايضاً،ص۲۹) ٭ پنهنجن اڪابرن جا حالات ڄاڻڻ ۽ انهن جي نيڪ ڪمن کي اپڻائڻ جي لاءِ انهن جي احوال ۽ ڪوائف تي مشتمل ڪتابن جو مطالعو به ضروري آهي۔ (ايضاً،ص۳۳) ٭ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن توهان ڪو علم حاصل ڪرڻ لڳو يا مطالعو ڪرڻ چاهيو ته بهتر آهي ته توهان