Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

(ردّ المحتار، کتاب الصلاۃ، باب صفۃ الصلاۃ، آداب الصلاۃ، مطلب: في الدعاء بغیر العربیۃ،۲/۲۸۶)

حضرتِ سَيدُنا عُباده بن صامِت رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته مون رسولُ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي هي فرمائيندي ٻڌو: مَنِ اسْتَغْفَرَ لِلْمُوْمِنِيْنَ وَالْمُوْمِنَاتِ كَتَبَ اللهُ بِكُلِّ مُوْمِنٍ
 وَ مُوْمِنَةٍ حَسَنَةً
يعني جيڪو شخص سڀني مسلمان مردن ۽ عورتن جي لاءِ استغفار ڪري، اللہ  پاڪ ان جي لاءِ هر مسلمان مرد ۽ مسلمان عورت جي بدلي هڪ نيڪي لکندو۔ (مجمع الزوائد، کتاب التوبۃ، باب الاستغفار للمؤمنین والمؤمنات، ۱۰/۳۵۲، حدیث: ۱۷۵۹۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! خوش ٿيو! اربين، کربين نيڪيون ڪمائڻ جو آسان نسخو هٿ اچي ويو! ظاهر آهي هن وَقت سڄي زمين تي ڪروڙين مسلمان موجود آهن ۽ ڪروڙين بلڪه اَربين دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن۔ جيڪڏهن اسان سڄي اُمّت جي بخشش جي لاءِ دعا ڪنداسين ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان کي اَربين، کربين نيڪين جو خزانو ملي ويندو۔ ٿي سگھي ته پنجن نماز کان بعد اوّل آخر درود شريف پڙھي سڀني مؤمنين ۽ مؤمنات جي مغفرت جي لاءِ اها دعا ڪريو ۽ کوڙ نيڪيون ڪمايو۔

اَللّٰھُمَّ اغْفِرْ لِي وَلِکُلِّ مُؤْمِنٍ وَّمُؤ مِنَۃٍ

يعني اي اللہ ! منهنجي ۽ هر مومن ۽ مومِنه جي بخشش فرما۔

         اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِڪاف“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به گناهن کان بچي فڪرِ آخرت جو جذبو وڌائڻ ۽ نيڪين تي اِستقامت، پنهنجي والدين جي لاءِ ايصالِ ثواب ۽ دعائون ڪرڻ جي جذبي سان سرشار ٿيڻ چاهيون ٿا ته اڄ ئي عاشقان رسول