Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

کي ڏسي گھڻا خوش ٿيا ۽ جيترا ماڻهو ان وقت گھر ۾ موجود هئا سڀني گھڻو

 پسند ڪيو ۽ گھڻي واکاڻ ڪئي ۽ واقعي اها سوڙ (رضائي) هر اعتبار کان ساراھ لائق هئي، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڀني جي اصرار تي ان کي ويڙهي ۽ کٽ تي تشريف فرما ٿيا ته منهنجي زبان مان بي اختيار اهو جملو نڪتو ”واقعي گھڻي عمده سوڙ (رضائي) آهي، جوانن جي لائق آهي“ اهو ٻڌندي ئي اعليٰ حضرت اها سوڙ (رضائي) مون کي عطا ڪئي ته تون ان کي ويڙهه، جڏهن ته مون ان غرض سان اهو جملو نه چيو هو، پر اعليٰ حضرت اصرار ڪري مون کي عنايت ڪئي ۽ ارشاد فرمايائون ته ”منهنجي خوشي انهيءَ ۾ آهي“۔ (حياتِ اعليٰ حضرت ،ص 129)

مصطفٰے کا وہ لاڈلا پیارا    واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

غوث ِاعظم کی آنکھ کا تارا   واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

ڇٽي حاجتمند کي عطا ڪئي:  

برسات واري موسم ۾ ڪڏهن ڪڏهن مسجد جي حاضري دوران برسات ٿيندي هئي۔ حاجي ڪفايتُ اللہ  صاحب ان تڪليف کي محسوس ڪندي هڪ ڇٽي (Umbrella) خريد ڪري پيش ڪئي ۽ پاڻ وٽ ئي رکي ڇڏي ته جڏهن اعليٰ حضرت گھران ٻاهر ايندا هئا ته حاجي صاحب ڇٽي کولي مسجد تائين هلندا هئا، اڃا ڪجھ ئي ڏينهن گذريا هئا جو هڪ حاجت مند ڇٽي جو سوال ڪيو پاڻ هڪدم اها ڇٽي حاجي صاحب کان وٺي ڪري ان حاجت مند کي عطا ڪري ڇڏي۔ (حياتِ اعليٰ حضرت ،ص۱۱۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته! اسان جي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۾ ايثار وسخاوت جو ڪيترو جذبو هو جو ضرورت جي باوُجُود پنهنجون شيون ٻين کي ايثار ڪندا هئا ڇوته پاڻ کي بخوبي خبر هئي ته اسلام اسان کي پاڻ ۾ همدردي جو پيغام ڏئي ٿو، مسلمانن سان خيرخواهي جو درس ڏئي ٿو، هڪ ٻي جي دل ۾ محبت پيدا ڪرڻ جي لاءِ جائز طريقي سان تحفا ڏيڻ جي