Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

ڪيو ويو آهي٭ بدعات ۽ منڪرات جو ايمان افروز ردّ ڪيو ويو آهي٭ ان جي علاوه سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي جو وڏن وڏن مفتين کي فقهي مسئلن جي معاملي ۾ وقت به وقت فتاوي رضويه جي ضرورت پوندي آهي، گهڻا مفتي سڳورا فتاوي ڏيڻ جي معاملي ۾ خاص ڪري فتاوي رضويه مان مدد وٺندا آهن ۽ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ آئنده به وٺندا رهندا.(آئينهء رضويات، حصو 2، ص اداره تحقيقاتِ امام احمد رضا ڪراچي)      

مسلکِ حق کی ضمانت ہے ترا نام رضا   شانِ تحقیق ادا کر گیا خامہ تیرا

فاضل ایسا کہ دیا ربّ نے تجھے فضلِ کبیر    عالِم ایسا کہ ہر عالَم ہوا شیدا تیرا

ہر ورق تیرا شریعت کی دلیلِ روشن    ایک قانونِ مکمل ہے فتاویٰ تیرا

تری تحریر پہ اَنگُشْت بَدَنْداں تھا عرب     تیری تقریر تھی کہ قادری تیغا تیرا

 

اعلٰي حضرت ۽ حُقوقُ العِباد !

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت، امامِ اهلسُنَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اعليٰ ڪردار جو اندازو هن ڳالھ مان به بخوبي لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ حُقُوقُ اللہ  جي ادائيگي سان گڏوگڏ حقوقُ العباد (ٻانهن جي حقن) جي باري ۾ گھڻا حسّاس هئا ڇوته پاڻ کي خبر هئي ته حقوقُ العباد جو مُعاملو حقوقُ اللہ  کان به وڌيڪ نازڪ آهي۔ اچو! حقوقُ العباد جي باري ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو دلچسپ واقعو ٻڌو ۽ سندن سيرت تي عمل ڪرڻ جي نيت ڪريو،

ٻار کان معافي گھري

هڪ ڀيري اعليٰ حضرت بريلي شريف جي مسجد ۾ معتڪف هئا۔ پاڻ افطار کان پوءِ ماني نه کائيندا هئا صرف پان کائيندا هئا۔ جڏهن ته سحري مهل گھران صرف هڪ ننڍي پيالي ۾ کيرڻي ۽ هڪ پيالي ۾ چٽڻي ايندي هئي، اهو کائيندا هئا، هڪ ڏينهن شام جو پان نه آيا ۽ سندن اها پڪي عادت هئي ته