Book Name:Ala Hazrat Ka Kirdar

ڪيترو زبردست مدني ذهن رکندا هئا۔ پاڻ عملي طور تي اسان کي اهو ٻڌايو ته ڪو مسلمان چاهي ڪيترو ئي امير ۽ ڪبير هجي، دنيوي عزّت ۽ مرتبي وارو هجي يا ڪنهن اعليٰ خاندان سان تعلُّق رکندو هجي ان کي هر گز هرگز اهو حق ناهي ته ڪنهن مسلمان کي پاڻ کان گھٽ سمجھي، ڪنهن جائز پيشي واري کي ماڻهن اڳيان ذليل ڪري بلڪ هڪ مسلمان هئڻ جي ناطي هر هڪ سان حُسنِ سُلُوڪ سان پيش اچڻ، ايندڙ جي دِلجوئي جي لاءِ مُسڪرائي ملڻ ان کي عزّت سان ويهارڻ ۽ مسلمانن ۾ مساوات (برابري) قائم رکڻ اسلام جي روشن تعليمات جو حصو آهي پر افسوس! صد افسوس! اڄ اسان اسلامي تعليمات کي ڇڏي خبر ناهي ڪهڙي پاسي هلڻ لڳا آهيون ۽ پنهنجي قوم (Nation)، زبان (Language) ۽ نسب (Caste) جي ڪري فخر ڪيون ٿا ۽ پاڻ کي ٻين کان افضل ۽ اعلٰي سمجھون ٿا جڏهن ته اللہ  پاڪ وٽ اهو ئي مسلمان وڌيڪ عزّت ۽ مان وارو آهي جيڪو تقويٰ ۽ پرهيزگاري ۾ ٻين کان وڌيڪ هجي، جيئن سيپاري 26 سُوْرَۃُ الْحُجُرات  جي آيت نمبر 13 ۾ اِرشاد آهي:

اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْؕ- (پ۲۶،الحجرات:۱۳)

ترجموڪنزالايمان؛ بيشڪ اللہ  وٽ توهان ۾ زياده عزت وارو اهو آهي جيڪو توهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي.

مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن آيت سڳوري تحت فرمائن ٿا: سڀني انسانن جو اَصل حضرت آدم و حوّا
(عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام وَ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْها) آهن ۽ انهن جو اَصل مٽي آهي ته توهان سڀني جي اَصل مٽي ٿي پوءِ نسب تي آڪڙجڻ ۽ فخر ڪرڻ ڇو۔ انسان کي مختلف نسب ۽ قبيلا بڻائڻ هڪ ٻئي جي سڃاڻپ جي لاءِ آهي نه اهو فخر ڪرڻ ۽ آڪڙجڻ جي لاءِ۔

اڄ اسان جي معاشري ۾ اها بيماري گھڻي عام ٿيندي پئي وڃي جنهن کي ڏسو پنهنجي خاندان ۽ قوم کي اعليٰ سمجھندي فخر ڪري ٿو ۽ ٻي قوم