Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

۾ رهڻو آهي اُوترو دنيا جي لاءِ ۽ جيترو عرصو قبر ۽ آخرت جو آهي، اوترو

قبر ۽ آخرت جي تياري ۾ مشغول رهون، ڪيئي ٺيڪ ٺاڪ مرڪندڙ انسان اوچتو موت جو شڪار ٿي ڏسندي ئي ڏسندي اونداھي قبر ۾ پهچي ويندا آهن، اهڙي طرح اسان کي به مرڻو پوندو، اونداھي قبر ۾ لهڻو پوندو ۽ پنهنجي ڪرڻ جو ڦل سهڻو پوندو۔

دولتِ دُنیا کے پیچھے تُو نہ جا        آخرت میں مال کا ہے کام کیا؟

مالِ دنیا دوجہاں میں ہے وبال        کام آئے گا نہ پیشِ ذُوالجلال

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

شيطان جو ڄار

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! دنيا جي مَحَبَّت شيطان جو اهڙو ڄار آهي جيڪو ان ۾ ڦاسجي انسان نيڪ ڪمن کان پري ٿي ويندو آهي، مثال طور پهريان مستحبّات کان پري ٿيندو آهي، پوءِ سُنَّتن کان غافل ٿيندو آهي، ان کان بعد فرض ۽ واجب ڇڏڻ جي عادت بڻجندي آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي حرام ڪمن جو عادي بڻجي ويندو آهي۔ نيٺ نمازون ڇڏڻ جو معمول بڻجي ويندو آهي، ڪوڙ ڳالهائڻ، غيبت ڪرڻ، ٻين جي دل ڏُکائڻ، ڳائڻ وڄائڻ ٻڌڻ ۽ طرح طرح جي حرام ۽ ناجائز ڪمن ۾ زندگي گذرڻ لڳندي آهي۔ ان جي علاوه دنيا ۾ ضرورت کان وڌيڪ مشغول رهڻ وارو پنهنجن کي وساري ويهندو آهي، دنيا ۾ ضرورت کان وڌيڪ مشغول رهڻ وارو مخلص دوستن کان محروم ٿي ويندو آهي، دنيا ۾ ضرورت کان وڌيڪ مشغول رهڻ وارو غريبن کي حقير ۽ ڪمتر سمجھڻ لڳندو آهي، دُنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وارو ڪنجوس (Miser) ٿي ويندو آهي، دُنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وارو تَڪبُّر جي آفت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي،دنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ واري تي نصيحت اثر ناهي ڪندي، دنيا ۾